|
| 1 |
|
| نوح جي پٽن سم، حام ۽ يافت جو نسب نامو هن ريت آهي: طوفان کان پوءِ هنن کي پٽ ڄاوا. |
|
| 2 |
|
| يافت جا پٽ هئا، جمر، ماجوج، مادي، ياوان، توبل، مسڪ ۽ تيراس. |
|
| 3 |
|
| جمر جا پٽ هئا، اشڪناز، ريفت، ۽ تجرمہ. |
|
| 4 |
|
| ۽ ياوان جا پٽ هئا السيہ، ترسيس، ڪتي ۽ دوداني. |
|
| 5 |
|
| قومن جا ٻيٽ انهن ئي جي اولاد ۾، سندن قبيلن ۽ ملڪن موجب ورهائجي ويا، جن مان هر هڪ جي ٻولي پنهنجي هئي. |
|
| 6 |
|
| حام جا پٽ هئا، ڪوش، مصر، فوطہ ۽ ڪنعان. |
|
| 7 |
|
| ڪوش جا پٽ هئا، سبا، حويلہ، سبتہ، رعماہ ۽ سبتيڪ. رعماہ جا پٽ هئا، سبا ۽ ددان. |
|
| 8 |
|
| ڪوش مان نمرود پيدا ٿيو، جو ملڪ ۾ هڪڙو زبردست پهلوان هو. |
|
| 9 |
|
| هو خداوند جي اڳيان هڪڙو شڪاري پهلوان هو، انهيءَ ڪري اها چوڻي ٿي ويئي تہ خداوند جي اڳيان نمرود جهڙو شڪاري پهلوان. |
|
| 10 |
|
| هن جي بادشاهت جي شروعات سنعار ملڪ جي بابل، ارڪ، اڪاد ۽ ڪلنہ مان ٿي. |
|
| 11 |
|
| انهيءَ ملڪ مان نڪري هو اسور ۾ آيو، جتي ڪي شهر ٻڌائين، جهڙوڪ نينوہ، رحوبو تعير ۽ ڪلجہ. |
|
| 12 |
|
| نينوہ ۽ ڪلجہ جي وچ ۾ رسن هو، جو وڏو شهر هو. |
|
| 13 |
|
| مصر مان لودي، عنامي، لهابي، نفتوحي، |
|
| 14 |
|
| فتروسي، ڪسلوحي (جن مان فلستي نڪتا) ۽ ڪفتوري پيدا ٿيا. |
|
| 15 |
|
| ڪنعان کي پهريون پٽ صيدون ڄائو ۽ پوءِ حت؛ |
|
| 16 |
|
| انهيءَ مان يبوسي، اموري، جرجاسي، |
|
| 17 |
|
| حوي، عرقي، سيني |
|
| 18 |
|
| اروادي، صماري ۽ حماتي پيدا ٿيا: ۽ پوءِ ڪنعاني قبيلا پکڙجي ويا. |
|
| 19 |
|
| ڪنعانين جون حدون هن ريت آهن: صيدا کان غزہ تائين، جو جرار جي واٽ تي آهي، ۽ ٻئي پاسي لسع تائين جو سدوم، عمورہ، ارمہ ۽ ضيبيان جي واٽ تي آهي. |
|
| 20 |
|
| سو حام جو اولاد اهو آهي، جو پنهنجن قبيلن ۽ ٻولين موجب پنهنجن ملڪن ۽ قومن ۾ آباد آهي. |
|
| 21 |
|
| سم، جو عبر جي سڀني ٻارن جو ڏاڏو ۽ يافت جو وڏو ڀاءُ هو، تنهن مان بہ اولاد پيدا ٿيو. |
|
| 22 |
|
| سم جا پٽ هئا، عيلام، اسور، ارفڪسد، لود ۽ ارام. |
|
| 23 |
|
| ارام جا پٽ هئا، عوض، حول، جتر ۽ مس. |
|
| 24 |
|
| ارفڪسد مان سلحہ پيدا ٿيو، ۽ سلحہ مان عبر. |
|
| 25 |
|
| عبر کي ٻہ پٽ هئا، هڪڙي جو نالو فلجہ هو؛ ڇالاءِ جو انهيءَ جي ڏينهن ۾ زمين ورهائجي ويئي ۽ سندس ڀاءُ جو نالو يقطان هو. |
|
| 26 |
|
| يقطان مان الموداد، سلف، حصارماوت، اراخ؛ |
|
| 27 |
|
| هدورام، اوزال، دقلہ: |
|
| 28 |
|
| عوبل، ابي مائيل، سبا؛ |
|
| 29 |
|
| اوفير، حويلہ ۽ يوباب پيدا ٿيا؛ اهي سڀيئي يقطان جا پٽ هئا. |
|
| 30 |
|
| انهن جي رهڻ جو هنڌ ميسا کان وٺي اُڀرندي واري سفار جبل ڏانهن هو. |
|
| 31 |
|
| سم جو اولاد اهو آهي، جو پنهنجن قبيلن ۽ ٻولين موجب، پنهنجن ملڪن ۽ قومن ۾ آباد آهي. |
|
| 32 |
|
| نوح جي پٽن جو اولاد پنهنجن قبيلن ۽ قومن موجب اهو آهي، ۽ طوفان کان پوءِ جيڪي قومون زمين تي ورهائجي ويون، سي انهن مان ئي هيون. |
|
|
|
|