|
| 1 |
|
| ۽ ساري زمين تي هڪڙي زبان ۽ هڪڙي ٻولي هئي. |
|
| 2 |
|
| ۽ هيئن ٿيو جو اڀرندي ڏانهن مسافري ڪندي ڪندي اهي سنعار ملڪ جي هڪڙي ميدان ۾ آيا، ۽ اتي رهي پيا. |
|
| 3 |
|
| اتي هو هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ اچو تہ سرون ٺاهي انهن کي باهہ ۾ پچايون. سو انهن پهڻن جي بدران سرون، ۽ چن جي بدران گارو ڪم ۾ آندو. |
|
| 4 |
|
| ۽ هنن چيو تہ اچو تہ پنهنجي لاءِ هڪڙو شهر ۽ هڪڙو ٺلهہ جوڙيون، جنهن جي چوٽي آسمان تائين وڃي پهچي ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجو نالو قائم ڪريون؛ متان پوءِ اسين ساريءَ زمين تي پري پري پکڙجي وڃون. |
|
| 5 |
|
| تڏهن خداوند اهو شهر ۽ ٺلهہ جو آدم جي اولاد جوڙيو هو، سو ڏسڻ لاءِ لهي آيو. |
|
| 6 |
|
| ۽ خداوند چيو تہ ڏسو، هي سڀ هڪڙي قوم آهن، ۽ سندن ٻولي بہ هڪڙي آهي، ۽ اهي جو هيئن ڪرڻ لڳا آهن، سو هو جيڪو ڪم ڪرڻ گهرندا، تنهن ۾ کين روڪ ڪانہ ٿيندي. |
|
| 7 |
|
| تنهنڪري اچو تہ اتي هلي سندن ٻوليءَ ۾ مونجهارو وجهون، تہ هو هڪ ٻئي جو ڳالهائڻ سمجهي نہ سگهن. |
|
| 8 |
|
| سو خداوند انهن کي اتان هٽائي ساريءَ زمين تي پکيڙي ڇڏيو: تڏهن هنن اهو شهر جوڙڻ ڇڏي ڏنو. |
|
| 9 |
|
| تنهنڪري انهيءَ شهر جو نالو بابل پئجي ويو؛ ڇالاءِ جو اتي خداوند ساري زمين جي ٻولي منجهائي ڇڏي: ۽ اتان خداوند انهن کي ساري زمين تي پکيڙي ڇڏيو. |
|
| 10 |
|
| سم جو نسب نامو هن ريت آهي. جڏهن سم هڪ سؤ ورهين جو ٿيو، تڏهن طوفان کان ٻہ سال پوءِ هن مان ارفڪسد پيدا ٿيو. |
|
| 11 |
|
| ۽ ارفڪسد جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ سم پنج سؤ ورهيہ جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون. |
|
| 12 |
|
| جڏهن ارفڪسد پنجٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان سلحہ پيدا ٿيو: |
|
| 13 |
|
| ۽ سلحہ جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ ارفڪسد چار سو ٽي ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون. |
|
| 14 |
|
| جڏهن سلحہ ٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان عبر پيدا ٿيو: |
|
| 15 |
|
| ۽ عبر جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ سلحہ چار سؤ ٽي ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون. |
|
| 16 |
|
| جڏهن عبر چوٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان فلجہ پيدا ٿيو: |
|
| 17 |
|
| ۽ فلجہ جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ عبر چار سؤ ٽيهہ ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون. |
|
| 18 |
|
| جڏهن فلجہ ٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان رعو پيدا ٿيو: |
|
| 19 |
|
| ۽ رعو جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ فلجہ ٻہ سؤ نو ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون. |
|
| 20 |
|
| جڏهن رعو ٻٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان سروج پيدا ٿيو: |
|
| 21 |
|
| ۽ سروج جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ رعو ٻہ سؤ ست ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون. |
|
| 22 |
|
| جڏهن سروج ٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان نحور پيدا ٿيو: |
|
| 23 |
|
| ۽ نحور جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ سروج ٻہ سؤ ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون. |
|
| 24 |
|
| جڏهن نحور اوڻٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان تارح پيدا ٿيو: |
|
| 25 |
|
| ۽ تارح جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ نحور هڪ سؤ اوڻيهہ ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون. |
|
| 26 |
|
| جڏهن تارح ستر ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان ابرام، نحور ۽ حاران پيدا ٿيا. |
|
| 27 |
|
| تارح جو نسب نامو هن ريت آهي: تارح مان ابرام، نحور ۽ حاران پيدا ٿيا؛ ۽ حاران مان لوط پيدا ٿيو. |
|
| 28 |
|
| ۽ حاران پنهنجي پيءُ تارح جي جيئري، پنهنجي ڄمڻ واري هنڌ، يعني ڪسدين جي اور ۾ مري ويو. |
|
| 29 |
|
| ۽ ابرام ۽ نحور شادي ڪئي. ابرام جي زال جو نالو ساري هو، ۽ نحور جي زال جو نالو ملڪہ هو، جا انهيءَ حاران جي ڌيءَ هئي جو ملڪہ ۽ اسڪہ جو پيءُ هو. |
|
| 30 |
|
| ساري سنڍ هئي؛ ۽ کيس ڪو ٻار ڪونہ هو. |
|
| 31 |
|
| پوءِ تارح پنهنجي پٽ ابرام ۽ پنهنجي پوٽي لوط کي، جو حاران جو پٽ هو، ۽ پنهنجيءَ ننهن، يعني ابرام جي زال ساريءَ کي پاڻ سان وٺي نڪتو، ۽ اهي سڀيئي ڪسدين جي اور مان روانا ٿيا ۽ ڪنعان جي ملڪ ڏانهن ويا. جڏهن اهي حاران ۾ آيا، تڏهن اتي رهي پيا. |
|
| 32 |
|
| تارح جي ساري عمر ٻہ سؤ پنج ورهيہ هئي: ۽ تارح حاران ۾ مري ويو. |
|
|
|
|