|
| 1 |
|
| خداوند ابرام کي چيو تہ ”پنهنجو ملڪ، پنهنجا مائٽ ۽ پنهنجي پيءُ جو گھر ڇڏ ۽ انهيءَ ملڪ ۾ وڃ جيڪو آءٌ تو کي ڏيکاريندس. |
|
| 2 |
|
| آءٌ تو کي برڪت ڏيندس ۽ تو مان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس. آءٌ تنهنجو نالو روشن ڪندس ۽ تو کي ٻين لاءِ برڪت جو سبب بڻائيندس. |
|
| 3 |
|
| جيڪي تو کي مبارڪ چوندا تن کي آءٌ برڪت ڏيندس، پر جيڪي تو کي پٽيندا تن تي لعنت ڪندس. دنيا جي سڀني قومن کي تنهنجي وسيلي برڪت ملندي.“ |
|
| 4 |
|
| سو ابرام خداوند جي چوڻ موجب حاران شهر مان روانو ٿيو ۽ سندس ڀائٽيو لوط بہ ساڻس گڏجي هليو. تڏهن ابرام جي عمر پنجهتر سال هئي. |
|
| 5 |
|
| ابرام پنهنجي زال سارائي، لوط ، سموري ملڪيت ۽ سڀ ماڻهو جيڪي حاران ۾ مليا هئن، سي پاڻ سان کنيا. اهي سڀ ڪنعان جي ملڪ ڏانهن وڃڻ لاءِ روانا ٿيا. جڏهن ڪنعان ۾ پهتا، |
|
| 6 |
|
| تڏهن ابرام انهيءَ ملڪ مان لنگھي اچي سڪم شهر ۾ مورہ جي شاهہبلوط وڻ واري هنڌ تي پهتو. تنهن وقت ڪنعاني انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هئا. |
|
| 7 |
|
| اتي خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”هي آهي اهو ملڪ جيڪو آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.“ پوءِ ابرام خداوند جي لاءِ، جنهن کيس ڏيکاري ڏني هئي، اتي هڪ قربانگاهہ ٺاهي. |
|
| 8 |
|
| تنهن کان پوءِ اتان نڪري بيتايل شهر جي اوڀر طرف هڪ جابلو علائقي ۾ اچي پنهنجو تنبو کوڙيائين. بيتايل سندس اولهہ طرف هو ۽ عئي شهر سندس اوڀر طرف. اتي هن هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي خداوند جي عبادت ڪئي. |
|
| 9 |
|
| پوءِ اتان هو ڏاکڻي پاسي ڏانهن وڌندو ويو. |
|
| 10 |
|
| ڪنعان ۾ اهڙو تہ اچي سخت ڏڪار پيو جو ابرام مصر ملڪ ۾ ڪجھہ وقت رهڻ لاءِ هليو ويو. |
|
| 11 |
|
| جڏهن هو مصر ۾ داخل ٿيڻ تي هو تڏهن پنهنجيءَ زال سارائيءَ کي چيائين تہ ”تون هڪ سهڻي عورت آهين. |
|
| 12 |
|
| سو جڏهن مصري تو کي ڏسندا تہ چوندا ’هيءَ هن جي زال آهي.‘ تڏهن هو مون کي ماري وجھندا ۽ تو کي جيئرو رکندا. |
|
| 13 |
|
| تنهنڪري تون چئجانءِ تہ ’آءٌ هن جي ڀيڻ آهيان.‘ پوءِ تنهنجي ڪري هو مون کي جيئرو ڇڏي ڏيندا ۽ مون سان سٺو سلوڪ ڪندا.“ |
|
| 14 |
|
| سو جڏهن ابرام مصر ۾ آيو تڏهن مصرين ڏٺو تہ اها عورت تمام سهڻي آهي. |
|
| 15 |
|
| بادشاهہ جي ڪن اميرن جڏهن هن کي ڏٺو تہ بادشاهہ وٽ وڃي هن جي تعريف ڪيائون. سو کيس بادشاهہ جي گھر وٺي ويا. |
|
| 16 |
|
| انهيءَ عورت جي ڪري بادشاهہ ابرام سان سٺو سلوڪ ڪيو ۽ کيس رڍون ٻڪريون، ڍور ڍڳا، گڏهہ، اٺ توڙي غلام ۽ ٻانهيون ڏنائين. |
|
| 17 |
|
| پر خداوند ابرام جي زال سارائيءَ جي ڪري بادشاهہ ۽ سندس پوري حويليءَ کي سخت بيمارين ۾ ڦاسائي ڇڏيو. |
|
| 18 |
|
| پوءِ بادشاهہ ابرام کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ پڇيائينس تہ ”تو مون سان ائين ڇو ڪيو؟ تو مون کي ڇو نہ ٻڌايو تہ هيءَ تنهنجي زال آهي؟ |
|
| 19 |
|
| تو ڇو چيو تہ هيءَ منهنجي ڀيڻ آهي، جنهن سبب مون کيس پنهنجي زال ٿي بڻايو. هاڻي تنهنجي زال حاضر آهي، انهيءَ کي وٺي هتان هليو وڃ.“ |
|
| 20 |
|
| پوءِ بادشاهہ پنهنجن ماڻهن کي هن بابت حڪم ڏنو. انهن ابرام کي سندس زال ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس هو، تنهن سميت ملڪ مان ڪڍي ڇڏيو. |
|
|
|
|