|
| 1 |
|
| پوءِ ابرام پنهنجي زال ۽ پنهنجي مال ملڪيت سميت مصر مان نڪري ڪنعان جي ڏاکڻي پاسي ڏانهن روانو ٿيو ۽ لوط بہ ساڻس گڏ هو. |
|
| 2 |
|
| ابرام وٽ چوپايو مال، سون ۽ چاندي گھڻو هو. |
|
| 3 |
|
| هو ڪنعان جي ڏاکڻي پاسي کان هلندو بيتايل ڏانهن وڌي آيو ۽ بيتايل ۽ عئي ٻنهي شهرن جي وچ تي انهيءَ هنڌ اچي پهتو جتي پهريائين تنبو کوڙيو هئائين. |
|
| 4 |
|
| انهيءَ جاءِ تي اڳي هن قربانگاهہ بہ ٺاهي هئي. اتي هن خداوند جي عبادت ڪئي. |
|
| 5 |
|
| لوط کي بہ رڍون، ٻڪريون، چوپايو مال ۽ پنهنجي ڪٽنب ۽ نوڪرن چاڪرن لاءِ تنبو هئا. |
|
| 6 |
|
| انهيءَ علائقي ۾ چاري لاءِ ايتري زمين ڪانہ هئي جو هو ٻئي گڏ رهي سگھن، ڇاڪاڻ تہ وٽن مال گھڻو هو. |
|
| 7 |
|
| سو ابرام جي ڌنارن ۽ لوط جي ڌنارن جي وچ ۾ اڪثر ڪري جھيڙو ٿيندو رهندو هو. انهيءَ وقت هن علائقي ۾ ڪنعاني ۽ فرزي پڻ رهندا هئا. |
|
| 8 |
|
| پوءِ ابرام لوط کي چيو تہ ”اسين پاڻ ۾ ڀائر آهيون، تنهنجي ۽ منهنجي ڌنارن جي وچ ۾ جھيڙو ٿيڻ نہ گھرجي. |
|
| 9 |
|
| سو اچ تہ ڌار ٿيون. سڄو ملڪ تنهنجي سامهون آهي، ان جو ڪوبہ حصو تون چونڊ. جيڪڏهن تون کاٻو پاسو کڻين تہ آءٌ ساڄو پاسو کڻندس. پر جيڪڏهن تون ساڄو پاسو کڻين تہ آءٌ کاٻو پاسو کڻندس.“ |
|
| 10 |
|
| تڏهن لوط چوگرد نهاريو ۽ ڏٺائين تہ اردن ماٿريءَ جو سڄو ميدان جيڪو صغر شهر تائين آهي، تنهن کي مصر جي ملڪ ۽ خداوند جي باغ وانگر ريج ڏنل هو. اها اُها ئي جاءِ هئي جيڪا خداوند جي سدوم ۽ عموراہ کي برباد ڪرڻ کان اڳ ۾ هئي. |
|
| 11 |
|
| تنهنڪري لوط پنهنجي لاءِ اردن ماٿريءَ جو سڄو ميدان چونڊيو ۽ اوڀر طرف هليو ويو. اهڙيءَ طرح هو هڪٻئي کان ڌار ٿيا. |
|
| 12 |
|
| ابرام ڪنعان جي ملڪ ۾ رهي پيو ۽ لوط ميدان جي شهرن ۾ وڃي رهيو ۽ سدوم جي ويجھو پنهنجو تنبو کوڙيائين. |
|
| 13 |
|
| سدوم شهر جا ماڻهو خداوند جي نظر ۾ بدڪار ۽ وڏا گنهگار هئا. |
|
| 14 |
|
| لوط جي ڌار ٿيڻ کان پوءِ، خداوند ابرام کي چيو تہ ”جتي تون بيٺو آهين اتان چئني طرفن ڏانهن نهار. |
|
| 15 |
|
| جيڪو ملڪ تون ڏسين ٿو سو سمورو آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيئي ڇڏيندس ۽ اهو هميشہ لاءِ اوهان جي ملڪيت هوندو. |
|
| 16 |
|
| آءٌ تو کي ايترو تہ اولاد ڏيندس جو واريءَ جي ذرڙن وانگر ڪوبہ انهن کي ڳڻي نہ سگھندو. |
|
| 17 |
|
| هاڻي اُٿ ۽ سڄي زمين گھمي ڏس، ڇوجو آءٌ اها سموري تو کي ڏيندس.“ |
|
| 18 |
|
| سو ابرام پنهنجو تنبو کڻي ممريءَ جي شاهہبلوط وڻن جي ويجھو اچي رهيو، جيڪي حبرون ۾ آهن. هن اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي. |
|
|
|
|