|
| 1 |
|
| هنن ڳالهين کان پوءِ خداوند جو ڪلام رويا ۾ ابرام تي نازل ٿيو، ۽ چيائينس تہ اي ابرام ڊڄ نہ، آءٌ تنهنجي ڍال ۽ تنهنجو وڏو انعام آهيان. |
|
| 2 |
|
| ابرام چيو تہ اي خداوند خدا تون مون کي ڇا ڏيندين؟ آءٌ تہ بي اولاد آهيان ۽ منهنجي گهر جو مختيار اليعزر دمشقي آهي. |
|
| 3 |
|
| وري ابرام چيو تہ ڏس، تو مون کي اولاد ڪونہ ڏنو آهي، ۽ هڪڙو غلام جو منهنجي گهر ۾ ڄائو آهي سو منهنجو وارث ٿيندو. |
|
| 4 |
|
| تڏهن خداوند جو ڪلام هن تي نازل ٿيو ۽ چيائينس تہ هي ماڻهو تنهنجو وارث نہ ٿيندو، پر جيڪو تو مان پيدا ٿيندو سو ئي تنهنجو وارث ٿيندو. |
|
| 5 |
|
| ۽ هو کيس ٻاهر وٺي ويو ۽ چيائينس تہ هاڻي آسمان ڏانهن نهار، ۽ جي تارن کي ڳڻي سگهين تہ ڳڻ: ۽ چيائينس تہ تنهنجو اولاد ايترو ٿيندو. |
|
| 6 |
|
| ۽ هن خداوند تي ايمان آندو؛ ۽ هن اهو سندس لاءِ راستبازي شمار ڪيو. |
|
| 7 |
|
| ۽ چيائينس تہ ڏس آءٌ اهو خداوند آهيان، جو توکي ڪسدين جي اور مان ڪڍي آيس، تہ هي ملڪ توکي ورثي ۾ ڏيان. |
|
| 8 |
|
| تڏهن هن چيو تہ اي خداوند خدا مون کي ڪيئن خبر پوي تہ آءٌ هن ملڪ جو وارث ٿيندس؟ |
|
| 9 |
|
| ۽ هن چيس تہ منهنجي لاءِ هڪڙو ٽسالو وهڙو، ۽ هڪڙي ٽسالي ٻڪري، ۽ هڪڙو ٽسالو گهيٽو، ۽ هڪڙي قمري، ۽ هڪڙو ڪبوتر جو ٻچو وٺي اچ. |
|
| 10 |
|
| ۽ هو اهي سڀئي وٺي آيو، ۽ انهن کي وچان وڍي ٻہ اڌ ڪيائين، ۽ هر هڪ جو هڪڙو حصو ٻئي جي سامهون ڪري رکيائين: پر پکين کي ٻہ اڌ نہ ڪيائين. |
|
| 11 |
|
| پوءِ شڪاري پکي اچي انهن ٽڪرن تي لٿا، پر ابرام انهن کي هڪليندو رهيو. |
|
| 12 |
|
| ۽ سج لهڻ مهل ابرام کي ڏاڍي ننڊ آئي ۽ ڏسو، هڪڙي هيبتناڪ اوندهہ مٿس ڇانئجي ويئي. |
|
| 13 |
|
| پوءِ هن ابرام کي چيو تہ اها پڪ ڄاڻ تہ تنهنجو اولاد اهڙي ملڪ ۾ پرديسي ٿيندو جو سندن نہ آهي، ۽ اتي جي ماڻهن جي غلامي ڪندو، ۽ اهي چئن صدين تائين کين تڪليف ڏيندا. |
|
| 14 |
|
| جنهن قوم جي هو غلامي ڪندا تنهن کي بہ آءٌ سزا ڏيندس، ۽ پوءِ هو گهڻي مال متاع سان اُتان نڪرندا. |
|
| 15 |
|
| پر تون آرام سان پنهنجن ابن ڏاڏن ڏانهن ويندين، تون تمام وڏيءَ ڄمار ۾ دفن ٿيندين. |
|
| 16 |
|
| ۽ هو چوٿينءَ پيڙهيءَ ۾ موٽي هتي ايندا: ڇالاءِ جو امورين جي گناهن جو گهڙو اڃا ڀريو نہ آهي. |
|
| 17 |
|
| ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سج لٿو ۽ اوندهہ ٿي، تڏهن هڪڙو دکندڙ تنور ۽ هڪڙو ٻرندڙ مشعال انهن ٽڪرن جي وچان لنگهندو ڏسڻ ۾ آيو. |
|
| 18 |
|
| انهيءَ ڏينهن خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪيو ۽ چيائينس تہ مون هي ملڪ مصر جي نديءَ کان وٺي، وڏي ندي يعني فرات نديءَ تائين تنهنجي اولاد کي ڏنو آهي. |
|
| 19 |
|
| يعني قيني، قنزي، قدموني |
|
| 20 |
|
| حتي، فرزي، رفائني، |
|
| 21 |
|
| اموري، ڪنعاني، جرجاسي ۽ يبوسي، انهن سڀني جو ملڪ، مون تنهنجي اولاد کي ڏنو آهي. |
|
|
|
|