×

Sindhi Bible 1962

پيدائش ١٦

1
هاڻي ابرام جي زال ساري کي ڪوبہ اولاد ڪونہ هو: هن وٽ هاجرہ نالي هڪڙي ٻانهي هئي، جا مصر جي هئي.
2
۽ ساريءَ ابرام کي چيو تہ هاڻي ڏس، خداوند مون کي اولاد کان وانجهي رکيو آهي، سو تون پنهنجيءَ ٻانهيءَ وٽ وڃ، شايد ان مان مون کي ڪي ٻار ملن. ۽ ابرام ساريءَ جي ڳالهہ قبول ڪئي.
3
جڏهن ابرام کي ڪنعان جي ملڪ ۾ رهندي ڏهہ ورهيہ ٿيا هئا، تڏهن سندس زال ساريءَ پنهنجي مصري ٻانهي کيس ڏني تہ هن جي زال ٿي رهي.
4
۽ هو هاجرہ وٽ ويو ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي، ۽ جڏهن کيس خبر پيئي تہ آءٌ پيٽ سان ٿي آهيان، تڏهن پنهنجي ڌياڻيءَ جي حقارت ڪرڻ لڳي.
5
تڏهن ساريءَ ابرام کي چيو تہ مون سان جيڪو ظلم ٿيو آهي، سو تنهنجي سر تي آهي! مون پنهنجي ٻانهي تنهنجيءَ هنج ۾ ڏني ۽ هاڻي جڏهن هن ڏٺو تہ پيٽ سان ٿي آهي، تڏهن مون ڏانهن حقارت سان ٿي نهاري: سو خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ انصاف ڪندو.
6
تنهن تي ابرام ساريءَ کي چيو تہ ڏس تنهنجي ٻانهي تنهنجي هٿ ۾ آهي، جيئن وڻيئي تيئن ساڻس ڪر. تڏهن ساري هن سان سختي ڪرڻ لڳي ۽ هوءَ وٽانئس ڀڄي ويئي.
7
۽ رڻ پٽ ۾ شور جي رستي تي جيڪو پاڻيءَ جو چشمو آهي، تنهن وٽ خداوند جو فرشتو هن کي گڏيو،
8
۽ چيائينس تہ ساريءَ جي ٻانهي هاجرہ تون ڪٿان ٿي اچين، ۽ ڪيڏانهن ٿي وڃين؟ هن چيو تہ آءٌ پنهنجيءَ ڌياڻيءَ وٽان ڀڄي آئي آهيان.
9
تڏهن خداوند جي فرشتي چيس تہ تون پنهنجيءَ ڌياڻيءَ وٽ موٽي وڃ ۽ سندس هٿ هيٺ رهہ.
10
۽ خداوند جي فرشتي هن کي چيو تہ آءٌ تنهنجو اولاد ايترو وڌائيندس جو شمار کان ٻاهر ٿيندو.
11
۽ خداوند جي فرشتي چيو تہ ڏس تون حاملہ آهين ۽ پٽ ڄڻيندينءَ: ۽ انهيءَ جو نالو اسماعيل رکج؛ ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي ڏک جي دانهن ٻڌي آهي.
12
هو ماڻهن ۾ جهنگلي گڏهہ جهڙو آزاد رهندو؛ هن جو هٿ سڀني جي برخلاف ۽ سڀني جو هٿ هن جي برخلاف ٿيندو؛ ۽ هو پنهنجن سڀني ڀائرن جي روبرو رهندو.
13
۽ جنهن خداوند ساڻس ڳالهايو تنهن جو نالو هن اتاايل روئي رکيو يعني اي خدا تون ڏسين ٿو: ڇالاءِ جو هن چيو تہ سچ پچ مون خدا کي ڏٺو ۽ پوءِ بہ جيئري آهيان؟
14
تنهنڪري انهيءَ چشمي جو نالو بيرلحي روئي پئجي ويو؛ ۽ ڏسو، اهو قادس ۽ برد جي وچ ۾ آهي.
15
۽ هاجرہ کي ابرام مان هڪڙو پٽ ڄائو ۽ ابرام پنهنجي انهيءَ پٽ جو نالو، جو هاجرہ کي ڄائو، اسماعيل رکيو.
16
جڏهن هاجرہ کي ابرام مان پٽ ڄائو، تڏهن ابرام ڇهاسي ورهين جو هو.
Sindhi Bible 1962
Sindhi Bible Pakistan Bible Society, 1954,1962
:
نوٽس محفوظ ڪريو