|
| 1 |
|
| انهن ڳالهين کان پوءِ هيئن ٿيو جو خداوند ابرهام جي آزمائش ورتي ۽ چيائينس تہ ابرهام، ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان. |
|
| 2 |
|
| تڏهن هن چيو تہ تنهنجو پٽ، تنهنجو سڪيلڌو پٽ اسحاق، جنهن کي تون پيار ٿو ڪرين، تنهن کي وٺي مورياہ جي ملڪ ۾ وڃ، ۽ اتي جيڪو جبل آءٌ توکي ڏيکاريان، تنهن تي هن کي سوختني قربانيءَ لاءِ چاڙهہ. |
|
| 3 |
|
| تڏهن ابرهام صبح جو سوير اٿي پنهنجو گڏهہ پلاڻيو، ۽ قربانيءَ جي ساڙڻ لاءِ ڪاٺيون چيريائين، پوءِ پنهنجا ٻہ نوڪر ۽ پنهنجي پٽ اسحاق کي پاڻ سان وٺي، انهيءَ هنڌ ويو، جنهن جو خدا ڏس ڏنو هوس. |
|
| 4 |
|
| ٽئين ڏينهن ابرهام پنهنجيون اکيون مٿي کڻي پري کان اهو هنڌ ڏٺو. |
|
| 5 |
|
| تڏهن ابرهام پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ اوهين هتي گڏهہ وٽ ترسو، آءٌ ۽ ڇوڪر اڳتي ٿا وڃون؛ ۽ اسين عبادت ڪري اوهان وٽ موٽي اينداسين. |
|
| 6 |
|
| ابرهام قربانيءَ جون ڪاٺيون کڻي پنهنجي پٽ اسحاق تي رکيون، ۽ باهہ، ۽ ڪاتي پنهنجي هٿ ۾ کنيائين، ۽ ٻئي گڏجي اٿي هليا. |
|
| 7 |
|
| تڏهن اسحاق پنهنجي پيءُ ابرهام کي چيو تہ اي بابا! هن چيو تہ اِجهو منهنجا پٽ. ۽ هن چيو تہ ڏس باهہ ۽ ڪاٺيون تہ آهن، پر سوختني قربانيءَ جي لاءِ گهيٽو ڪٿي آهي؟ |
|
| 8 |
|
| تڏهن ابرهام چيو تہ منهنجا پٽ، خدا پاڻيهي سوختني قربانيءَ جي لاءِ گهيٽو موجود ڪندو. سو هو ٻئي گڏجي هلندا ويا. |
|
| 9 |
|
| جڏهن انهيءَ هنڌ آيا جنهن جو خدا ڏس ڏنو هوس؛ تڏهن ابرهام اتي قربانگاهہ جوڙي ۽ اتي ڪاٺيون ٺاهي رکيائين، ۽ پنهنجي پٽ اسحاق کي ٻڌي ڪاٺين جي مٿان رکيائين. |
|
| 10 |
|
| پوءِ ابرهام پنهنجو هٿ ڊگهيري پنهنجي پٽ کي ڪهڻ لاءِ ڪاتي کنئي. |
|
| 11 |
|
| تڏهن خداوند جي فرشتي آسمان مان سڏ ڪري چيس تہ ابرهام، ابرهام، ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان. |
|
| 12 |
|
| ۽ هن چيو تہ ڇوڪر تي هٿ نہ کڻ، ۽ ڪي بہ نہ ڪرينس: هاڻي مون کي خبر پيئي آهي، تہ توکي خدا جو خوف آهي، ڇالاءِ جو تو پنهنجو پٽ، پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجهي نہ رکيو آهي. |
|
| 13 |
|
| پوءِ ابرهام پنهنجيون اکيون مٿي کڻي نهاريو ۽ پنهنجي پٺيان هڪڙو گهيٽو ڏٺائين جنهن جا سڱ هڪڙي گهاٽي ٻوڙي ۾ اٽڪيل هئا تڏهن ابرهام وڃي اهو گهيٽو آندو ۽ پنهنجي پٽ جي بدران انهيءَ جي سوختني قرباني ڪيائين. |
|
| 14 |
|
| ۽ ابرهام انهيءَ هنڌ جو نالو يهوواہ يري رکيو، جيئن اڄ ڏينهن تائين بہ چوڻ ۾ ٿو اچي، تہ خداوند جي جبل تي موجود ڪيو ويندو. |
|
| 15 |
|
| پوءِ خداوند جي فرشتي ٻيو ڀيرو آسمان مان ابرهام کي سڏي چيو تہ، |
|
| 16 |
|
| انهيءَ لاءِ تہ تو هي ڪم ڪيو ۽ پنهنجو پٽ، پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجهي نہ رکيو، تنهنڪري مون پنهنجو قسم کنيو آهي تہ |
|
| 17 |
|
| آءٌ توکي برڪت تي برڪت ڏيندس، ۽ تنهنجي اولاد کي وڌائيندي وڌائيندي ايترو ڪندس، جيترا آسمان جا تارا آهن، ۽ جيتري سمنڊ جي ڪناري جي واري آهي؛ ۽ تنهنجو اولاد پنهنجن دشمنن جي دروازي تي قبضو ڪندو. |
|
| 18 |
|
| تنهنجي نسل جي وسيلي زمين جي سڀني قومن کي برڪت ملندي؛ ڇالاءِ جو تو منهنجو چوڻ مڃيو آهي. |
|
| 19 |
|
| پوءِ ابرهام موٽي پنهنجن نوڪرن وٽ آيو، ۽ اهي روانا ٿيا ۽ گڏجي بيرسبع ۾ آيا؛ ۽ ابرهام بيرسبع ۾ رهڻ لڳو. |
|
| 20 |
|
| انهن ڳالهين کان پوءِ هيئن ٿيو جو ابرهام کي خبر ملي تہ ملڪاہ کي بہ سندس ڀاءُ نحور مان ٻار پيدا ٿيا آهن. |
|
| 21 |
|
| عوض هن جو پهريتو پٽ آهي، ۽ سندس ڀائر بوز ۽ قموئيل، جو آرام جو پيءُ آهي؛ |
|
| 22 |
|
| انهن کان سواءِ ڪسد، حضو، فلداس، ادلاف ۽ بيتوايل. |
|
| 23 |
|
| ۽ بيتوايل مان ربقہ پيدا ٿي: اهي اٺ ٻار ملڪاہ کي ابرهام جي ڀاءُ نحور مان پيدا ٿيا. |
|
| 24 |
|
| ۽ سندس سريت جنهن جو نالو رومہ هو، تنهن کي بہ منجهانئس طبحہ، جاحم، تخس ۽ معڪہ پيدا ٿيا. |
|
|
|
|