|
| 1 |
|
| پوءِ ابرهام وري ٻي زال پرڻيو، جنهن جو نالو قتورہ هو. |
|
| 2 |
|
| انهيءَ کي منجهانئس زمران، يقسان، مدان، مريان، اسباق ۽ سوخ پيدا ٿيا. |
|
| 3 |
|
| ۽ يقسان مان سبا ۽ ددان پيدا ٿيا. ۽ ددان جا پٽ اسوري، لطوسي ۽ لومي هئا. |
|
| 4 |
|
| ۽ مديان جا پٽ عيفاہ، عفر، حنوڪ، ابيداع ۽ الدوعا هئا. هي سڀ قتورہ جو اولاد هو. |
|
| 5 |
|
| ۽ ابرهام وٽ جيڪي هو سو سڀ اسحاق کي ڏنائين. |
|
| 6 |
|
| پر جيڪي ابرهام جي سرتين جا پٽ هئا، تن کي بہ بخششون ڏيئي، پنهنجي جيئري پنهنجي پٽ اسحاق کان ڌار ڪري، اڀرندي واري ملڪ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيائين. |
|
| 7 |
|
| ابرهام جي سڄي عمر هڪ سؤ پنجهتر ورهيہ هئي. |
|
| 8 |
|
| پوءِ ابرهام ساهہ ڏنو. هو ٻڍو ۽ پير مرد ٿي وڏيءَ ڄمار ۾ مئو ۽ وڃي پنهنجن ۾ گڏيو. |
|
| 9 |
|
| ۽ سندس پٽن اسحاق ۽ اسماعيل کيس صحر حتيءَ جي پٽ عفرون جي ٻنيءَ واري مڪفيلہ جي غار ۾ دفن ڪيو، جا ممريءَ جي سامهون آهي؛ |
|
| 10 |
|
| اها ساڳي ٻني، جا ابرهام حت جي پٽن کان خريد ڪئي هئي: اتي ابرهام ۽ سندس زال سارہ دفن ڪيا ويا. |
|
| 11 |
|
| ۽ ابرهام جي مرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو خدا، سندس پٽ اسحاق کي برڪت ڏني، ۽ اسحاق بيرلحي روئي ۾ رهڻ لڳو. |
|
| 12 |
|
| هاڻي ابرهام جو پٽ اسماعيل، جو سارہ جي ٻانهيءَ هاجرہ کي ابرهام مان ڄائو هو، تنهن جو نسب نامو هن ريت آهي. |
|
| 13 |
|
| اسماعيل جي پٽن جا نالا سندن پيڙهين موجب هي آهن: اسماعيل جو وڏو پٽ نبايوت هو، ۽ ٻيا هئا قيدار، ادبئيل، مبسام، |
|
| 14 |
|
| مشماع، دومہ، مسا، |
|
| 15 |
|
| حدو، تيما، يطور، نفيس، ۽ قدمہ. |
|
| 16 |
|
| اسماعيل جا پٽ اهي هئا، ۽ انهن جي نالن موجب سندن ڳوٺن ۽ منزلگاهن جا نالا پيا؛ ۽ اهي ئي سندن قومن جا ٻارهن سردار هئا. |
|
| 17 |
|
| اسماعيل جي عمر هڪ سؤ ستٽيهہ ورهيہ هئي: پوءِ هن ساهہ ڏنو ۽ وڃي پنهنجن ۾ گڏيو. |
|
| 18 |
|
| ۽ اهي حويلہ کان شور تائين رهندا هئا، جو اسور ڏانهن ويندي مصر جي سامهون آهي، ۽ هو پنهنجن سڀني ڀائرن جي سامهون رهندو آيو. |
|
| 19 |
|
| هاڻي ابرهام جي پٽ اسحاق جو نسب نامو هن ريت آهي: ابرهام مان اسحاق پيدا ٿيو. |
|
| 20 |
|
| ۽ جڏهن اسحاق چاليهن ورهين جو ٿيو، تڏهن ربقہ، جا فدان ارام واري بيتوايل اراميءَ جي ڌيءَ، ۽ لابن اراميءَ جي ڀيڻ هئي، تنهن سان شادي ڪيائين. |
|
| 21 |
|
| ۽ اسحاق پنهنجيءَ زال جي لاءِ خداوند کان دعا گهري؛ ڇالاءِ جو هوءَ سنڍ هئي: ۽ خداوند هن جي دعا قبول ڪئي ۽ هن جي زال ربقہ حاملہ ٿي، |
|
| 22 |
|
| ۽ ٻار سندس پيٽ ۾ چُرڻ پرڻ لڳا، تڏهن هن چيو تہ ڇو منهنجو هي حال ٿيو آهي؟ تنهنڪري هوءَ خداوند کان پڇڻ ويئي. |
|
| 23 |
|
| ۽ خداوند چيس تہ تنهنجي پيٽ ۾ ٻہ قومون آهن، ۽ ٻہ امتون تنهنجي پيٽ مان ئي هڪ ٻئي کان ڌار ٿينديون: ۽ هڪڙي اُمت ٻيءَ کان زور واري ٿيندي؛ ۽ وڏي ننڍيءَ جي خدمت ڪندي. |
|
| 24 |
|
| پوءِ جڏهن هن جي ويامڻ جا ڏينهن اچي ڀريا، تڏهن ڏٺائون تہ سندس پيٽ ۾ جاڙا ٻار هئا. |
|
| 25 |
|
| پهريون ڳاڙهو نڪتو ۽ هن جو بت پوستين وانگر هو، تنهنڪري انهي جو نالو عيسو رکيائون. |
|
| 26 |
|
| تنهن کان پوءِ سندس ڀاءُ پنهنجي هٿ ۾ عيسو جي کڙي جهلي نڪتو، ۽ انهي جو نالو يعقوب رکيائون: جڏهن اسحاق کي هي ٻار ڄاوا، تڏهن هو سٺ ورهين جو هو. |
|
| 27 |
|
| پوءِ ڇوڪرا وڏا ٿيا، ۽ عيسو هوشيار شڪاري ۽ جهنگ ۾ گذاريندڙ هو؛ ۽ يعقوب سادو ماڻهو ۽ تنبن ۾ رهندڙ هو. |
|
| 28 |
|
| هاڻي اسحاق عيسوءَ کي پيار ڪندو هو؛ ڇالاءِ جو هو کيس پنهنجي شڪار جو گوشت کارائيندو هو، پر ربقہ جو پيار يعقوب تي هو. |
|
| 29 |
|
| هڪڙي ڏينهن يعقوب ٻوڙ ويٺي رڌو تہ عيسو جهنگ مان آيو، ۽ ڏاڍو ٿڪل هو، |
|
| 30 |
|
| ۽ عيسوءَ يعقوب کي عرض ڪري چيو تہ انهيءَ ڳاڙهي ٻوڙ مان مون کي کاراءِ، ڇالاءِ جو آءٌ ماندو ٿو ٿيان: انهيءَ ڪري هن جو نالو ادوم (ڳاڙهو) پئجي ويو. |
|
| 31 |
|
| تڏهن يعقوب چيو تہ اڄ تون پنهنجي پهريتي هئڻ جو حق مون کي وڪڻي ڏي. |
|
| 32 |
|
| تنهن تي عيسوءَ چيو تہ ڏس، آءٌ مرڻ تي آهيان: ۽ پهريتي هئڻ جي حق مان مون کي ڪهڙو فائدو رسندو؟ |
|
| 33 |
|
| تڏهن يعقوب چيو تہ اڄ مون سان قسم کڻ ۽ هن ساڻس قسم کنيو، ۽ پنهنجي پهريتي هئڻ جو حق يعقوب کي وڪڻي ڇڏيائين. |
|
| 34 |
|
| پوءِ يعقوب، عيسوءَ کي ماني ۽ مسور جي دال ڏني، ۽ هو کائي پي اُٿيو ۽ پنهنجي واٽ وٺي هليو ويو. انهيءَ طرح عيسوءَ پنهنجي پهريتي هئڻ جي حق کي حقير سمجهيو. |
|
|
|
|