۽ يعقوب چيو تہ اي منهنجي پيءُ ابرهام جا خدا، ۽ منهنجي پيءُ اسحاق جا خدا، اي خداوند، تو مون کي فرمايو تہ پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجن عزيزن وٽ موٽ، تہ آءٌ تنهنجو ڀلو ڪندس:
۽ هاڻي جيڪو رحم ۽ وفاداري تو پنهنجي ٻانهي تي ڪيو آهي، تنهن سڀ جي ذري جو بہ آءٌ لائق نہ آهيان؛ ڇالاءِ جو آءٌ تہ فقط پنهنجي لٺ کڻي يردن جي پار ويو هوس، پر هاڻي مون وٽ ٻہ ٽوليون آهن.
آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ مون کي منهنجي ڀاءُ جي هٿ کان، يعني عيسوءَ جي هٿ کان بچاءِ: ڇوتہ آءٌ هن کان ڊڄان ٿو، تہ متان هو اچي مون کي ۽ ٻارن کي سندن مائرن سميت ماري وجهي.
پوءِ هن انهن جون ڌار ڌار ٽوليون ٺاهي، پنهنجن نوڪرن جي حوالي ڪيون، ۽ انهن کي چيائين تہ اوهين مون کان اڳيئي پار هلو، ۽ هر هڪ ٽوليءَ جي وچ ۾ ڪجهہ وڇوٽي ڇڏجو.
تہ اِجهو تنهنجو ٻانهو يعقوب اسان جي پٺيان پيو اچي. ڇالاءِ جو هن چيو تہ هيءَ سوغات جا مون کان اڳ ۾ وٺيو ٿا وڃن، تنهن سان آءٌ هن جي ڪاوڙ ڍري ڪندس، ۽ پوءِ سندس منهن ڏسندس؛ تہ من هو مون کي قبول ڪري.
پر جڏهن هن شخص ڏٺو تہ آءٌ يعقوب تي غالب پئجي نٿو سگهان، تڏهن هن جي ران جي اندرينءَ نس کي هٿ لاتائين: ۽ جيئن هو يعقوب سان ملهہ پئي وڙهيو، تيئن يعقوب جي ران جي نس چڙهي ويئي.