|
| 1 |
|
| پوءِ خدا يعقوب کي چيو تہ اُٿ، بيت ايل ۾ وڃي رهہ: ۽ جڏهن تون پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ وٽان ڀڄي نڪتو هئين، تڏهن جنهن خدا توکي ڏيکاري ڏني هئي، تنهن لاءِ اتي قربانگاهہ جوڙ. |
|
| 2 |
|
| تڏهن يعقوب پنهنجي خاندان ۽ ٻيا جيڪي ساڻس هئا، تن سڀني کي چيو تہ اوهان وٽ جيڪي ڌاريا معبود آهن، تن کي ڇڏي ڏيو، ۽ پاڻ کي پاڪ صاف ڪري پنهنجا ڪپڙا بدلايو: |
|
| 3 |
|
| اُٿو تہ بيت ايل ڏانهن هلون؛ ۽ اتي آءٌ خدا لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙيندس، جنهن منهنجيءَ مصيبت جي ڏينهن منهنجو سوال ٻڌو، ۽ جنهن واٽ ۾ ويس ٿي، تنهن ۾ مون ساڻ هو. |
|
| 4 |
|
| سو هنن وٽ جيڪي معبود هئا، ۽ سندن ڪنن ۾ جيڪي مندرا هئا، سي سڀ لاهي يعقوب کي ڏنائون، ۽ يعقوب اهي سڀيئي، انهيءَ بلوط جي وڻ هيٺ لڪائي ڇڏيا، جيڪو سڪم وٽ بيٺل هو. |
|
| 5 |
|
| پوءِ هو اُٿي روانا ٿيا: ۽ هن جي آس پاس جيڪي شهر هئا، تن جي ماڻهن کي اهڙو ڊپ وٺي ويو، جو هو يعقوب جي پٽن جي پٺيان ڪين پيا. |
|
| 6 |
|
| سو يعقوب ۽ ٻيا جيڪي ساڻس هئا، سي لوز يعني بيت ايل ۾ آيا، جو ڪنعان جي ملڪ ۾ آهي، |
|
| 7 |
|
| ۽ هن اتي هڪڙي قربانگاهہ جوڙي ۽ انهيءَ هنڌ جو نالو بيت ايل رکيائين؛ ڇالاءِ تہ جڏهن هو پنهنجي ڀاءُ وٽان ڀڄي نڪتو هو، تڏهن اتي کيس خدا ڏيکاري ڏني هئي. |
|
| 8 |
|
| اتي ربقہ جي دائي دبورہ مري ويئي، ۽ انهيءَ کي بيت ايل جي هيٺانهين پاسي بلوط جي وڻ هيٺ دفن ڪيائون، ۽ انهيءَ وڻ جو نالو الون بڪوت (روئڻ جو وڻ) رکيائون. |
|
| 9 |
|
| جڏهن يعقوب فدان ارام کان آيو، تڏهن خدا وري بہ کيس ڏيکاري ڏيئي برڪت ڏنس. |
|
| 10 |
|
| ۽ خدا چيس تہ تنهنجو نالو يعقوب آهي: اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ سڏبو، پر تنهنجو نالو اسرائيل ٿيندو: سو هن سندس نالو اسرائيل رکيو. |
|
| 11 |
|
| ۽ خدا چيس تہ آءٌ قادر مطلق خدا آهيان: تون ڦلدار ٿيءُ ۽ وڌ، تو مان هڪڙي قوم بلڪ گهڻيون قومون پيدا ٿينديون، ۽ تنهنجي نسل مان بادشاهہ نڪرندا. |
|
| 12 |
|
| ۽ جيڪو ملڪ مون ابرهام ۽ اسحاق کي ڏنو هو، سو آءٌ توکي ڏيندس، ۽ توکان پوءِ تنهنجي اولاد کي اهو ملڪ ڏيندس، |
|
| 13 |
|
| ۽ جتي خدا هن سان ڳالهيون ڪيون اتان ئي وٽانئس مٿي چڙهي ويو. |
|
| 14 |
|
| پوءِ يعقوب هيئن ڪيو، جو جنهن هنڌ خدا ساڻس ڳالهيون ڪيون هيون، تنهن هنڌ پهڻ جو هڪڙو ٿنڀ کڙو ڪيائين: ۽ انهيءَ تي خدا جي لاءِ پيئڻ واري قرباني ۽ تيل اوتيائين، |
|
| 15 |
|
| ۽ جنهن هنڌ خدا يعقوب سان ڳالهايو هو، تنهن هنڌ جو نالو هن بيت ايل رکيو. |
|
| 16 |
|
| پوءِ هو بيت ايل مان روانا ٿيا ۽ فرات تائين پهچڻ ۾ اڃا ٿورو پنڌ هو، تہ راخل کي اچي ويم جا سخت سور ٿيا. |
|
| 17 |
|
| ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن جا سور وڌڻ لڳا، تڏهن دائيءَ چيس تہ ڊڄ نہ، توکي هن ڀيري بہ پٽ ڄمندو. |
|
| 18 |
|
| جڏهن هوءَ مرڻ تي هئي، تڏهن ساهہ نڪرڻ مهل هن جو نالو بنوني رکيائين ۽ پوءِ مري ويئي: پر يعقوب هن جو نالو بنيمين رکيو. |
|
| 19 |
|
| سو راخل مري ويئي ۽ کيس افرات يعني بيت الحم جي واٽ تي دفن ڪيائون. |
|
| 20 |
|
| ۽ يعقوب هن جي قبر تي هڪڙو ٿنڀ کڙو ڪيو ۽ اهو راخل جي قبر جو ٿنڀ اڄ ڏينهن تائين موجود آهي. |
|
| 21 |
|
| پوءِ اسرائيل مسافري ڪندو اڳتي وڌيو ۽ عدر جي ٺلهہ جي پريان وڃي پنهنجو تنبو کوڙيائين. |
|
| 22 |
|
| ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسرائيل انهيءَ ملڪ ۾ رهيو پيو هو، تڏهن روبن پنهنجي پيءُ جي سريت بلهاہ سان وڃي ستو، ۽ اسرائيل کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پئجي ويئي. |
|
| 23 |
|
| هاڻي يعقوب کي ٻارهن پٽ هئا: روبن، جو يعقوب جو وڏو پٽ هو، تنهن کان سواءِ شمعون، لاوي، يهوداہ، اشڪار ۽ زبولون. |
|
| 24 |
|
| ۽ راخل جا پٽ هئا: يوسف ۽ بنيمين. |
|
| 25 |
|
| ۽ راخل جي ٻانهيءَ بلهاہ جا پٽ هئا: دان ۽ نفتالي. |
|
| 26 |
|
| ۽ لياہ جي ٻانهيءَ زلفہ جا پٽ هئا؛ جد ۽ آشر: يعقوب جا پٽ، جيڪي فدان ارام ۾ پيدا ٿيا، سي اهي هئا. |
|
| 27 |
|
| پوءِ يعقوب ممري ۾، قريت اربع يعني حبرون ۾، جتي ابرهام ۽ اسحاق رهندا هئا، اتي پنهنجي پيءُ اسحاق وٽ آيو. |
|
| 28 |
|
| ۽ اسحاق جي عمر هڪ سؤ اسي ورهيہ هئي. |
|
| 29 |
|
| تڏهن اسحاق ساهہ ڏنو ۽ مري ويو. هو ٻڍو ۽ وڏيءَ عمر جو ٿي وڃي پنهنجن ۾ گڏيو، ۽ سندس پٽن عيسوءَ ۽ يعقوب کيس دفن ڪيو. |
|
|
|
|