|
| 1 |
|
| آدم جو نسب نامو هن ريت آهي. جڏهن خدا آدم کي پيدا ڪيو تہ هن کي پنهنجيءَ شڪل موجب جوڙيائين؛ |
|
| 2 |
|
| نر ۽ ناريءَ کي پيدا ڪيائين؛ ۽ کين برڪت ڏنائين، ۽ جنهن ڏينهن اهي پيدا ٿيا، سندن نالو آدم رکيائين. |
|
| 3 |
|
| ۽ جڏهن آدم هڪ سؤ ٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن کيس سندس صورت تي ۽ سندس جهڙو پٽ ڄائو، جنهن جو نالو سيت رکيائين. |
|
| 4 |
|
| ۽ سيت جي ڄمڻ کان پوءِ آدم اٺ سؤ سال جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون. |
|
| 5 |
|
| ۽ آدم جي سموري عمر نو سؤ ٽيهہ ورهيہ هئي، پوءِ هو مري ويو. |
|
| 6 |
|
| جڏهن سيت هڪ سؤ پنجن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان اُنوس پيدا ٿيو: |
|
| 7 |
|
| ۽ اُنوس جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ سيت اٺ سؤ ست سال جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون: |
|
| 8 |
|
| ۽ سيت جي سموري عمر نو سؤ ٻارهن ورهيہ هئي، پوءِ هو مري ويو. |
|
| 9 |
|
| جڏهن اُنوس نوي ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان قينان پيدا ٿيو: |
|
| 10 |
|
| ۽ قينان جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ اُنوس اٺ سؤ پندرهن سال جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون: |
|
| 11 |
|
| ۽ اُنوس جي سموري عمر نو سؤ پنج ورهيہ هئي، پوءِ هو مري ويو. |
|
| 12 |
|
| جڏهن قينان ستر ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان محلل ايل پيدا ٿيو: |
|
| 13 |
|
| ۽ محلل ايل جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ قينان اٺ سؤ چاليهہ سال جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون: |
|
| 14 |
|
| ۽ قينان جي سموري عمر نو سؤ ڏهہ ورهيہ هئي، پوءِ هو مري ويو. |
|
| 15 |
|
| جڏهن محلل ايل پنجهٺ ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان يارد پيدا ٿيو: |
|
| 16 |
|
| ۽ يارد جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ محلل ايل اٺ سؤ ٽيهہ سال جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون: |
|
| 17 |
|
| ۽ محلل ايل جي سموري عمر اٺ سؤ پنجانوي ورهيہ هئي، پوءِ هو مري ويو. |
|
| 18 |
|
| جڏهن يارد هڪ سؤ ٻاهٺ ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان حنوڪ پيدا ٿيو: |
|
| 19 |
|
| ۽ حنوڪ جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ يارد اٺ سؤ سال جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون: |
|
| 20 |
|
| ۽ يارد جي سموري عمر نو سؤ ٻاهٺ ورهيہ هئي، پوءِ هو مري ويو. |
|
| 21 |
|
| جڏهن حنوڪ پنجهٺ ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان متوسلحہ پيدا ٿيو: |
|
| 22 |
|
| ۽ متوسلحہ جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ حنوڪ ٽي سؤ سال خدا ساڻ پئي هليو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون: |
|
| 23 |
|
| ۽ حنوڪ جي سموري عمر ٽي سؤ پنجهٺ ورهيہ هئي: |
|
| 24 |
|
| ۽ حنوڪ خدا ساڻ هلندو رهيو ۽ گم ٿي ويو، ڇالاءِ جو خدا هن کي کڻي ورتو. |
|
| 25 |
|
| جڏهن متوسلحہ هڪ سؤ ستاسي ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان لمڪ پيدا ٿيو: |
|
| 26 |
|
| ۽ لمڪ جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ متوسلحہ ست سؤ ٻياسي سال جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون: |
|
| 27 |
|
| ۽ متوسلحہ جي سموري عمر نو سؤ اوڻهتر ورهيہ هئي، پوءِ هو مري ويو. |
|
| 28 |
|
| جڏهن لمڪ هڪ سؤ ٻياسي ورهين جو ٿيو، تڏهن منجهانئس هڪ پٽ پيدا ٿيو، |
|
| 29 |
|
| جنهن جو نالو نوح رکيائين، ۽ چيائين تہ زمين، جنهن کي خدا لعنتي ڪيو آهي، تنهن جي سبب اسين پنهنجن هٿن جو جيڪو پورهيو ۽ محنت پيا ڪريون، تنهن کان هي ٻار اسان کي آرام ڏيندو. |
|
| 30 |
|
| ۽ نوح جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ لمڪ پنج سؤ پنجانوي سال جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون: |
|
| 31 |
|
| ۽ لمڪ جي سموري عمر ست سؤ ستهتر ورهيہ هئي، پوءِ هو مري ويو. |
|
| 32 |
|
| جڏهن نوح پنج سؤ ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان سم، حام، ۽ يافت پيدا ٿيا. |
|
|
|
|