|
| 1 |
|
| جڏهن خدا انسان کي پيدا ڪيو تہ کيس پاڻ وانگر ٺاهيائين. خدا هنن کي نر ۽ ناري پيدا ڪري برڪت ڏني ۽ کين ”انسان“ سڏيائين، جن جي اولاد جي هيءَ فهرست آهي: |
|
| 2 |
|
|
|
| 3 |
|
| جڏهن آدم هڪ سؤ ٽيهن سالن جو ٿيو تہ کيس پنهنجي صورت تي پاڻ جهڙو هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو سيت رکيائين. |
|
| 4 |
|
| انهيءَ کان پوءِ آدم اٺ سؤ سال جيئرو رهيو ۽ کيس وڌيڪ پٽ ۽ ڌيئرون ڄايون. |
|
| 5 |
|
| آدم نو سؤ ٽيهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. |
|
| 6 |
|
| سيت جڏهن هڪ سؤ پنجن سالن جو ٿيو تہ کيس انوس نالي هڪ پٽ ڄائو. |
|
| 7 |
|
| انوس جي ڄمڻ کان پوءِ سيت اٺ سؤ ست سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. |
|
| 8 |
|
| سيت نو سؤ ٻارهن سالن جي عمر ۾ هي جهان ڇڏي ويو. |
|
| 9 |
|
| جڏهن انوس نوي سالن جو ٿيو تہ کيس قينان نالي هڪ پٽ ڄائو. |
|
| 10 |
|
| قينان جي ڄمڻ کان پوءِ انوس اٺ سؤ پندرهن سال زندہ رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. |
|
| 11 |
|
| انوس نو سؤ پنجن سالن جي عمر ۾ فوت ٿي ويو. |
|
| 12 |
|
| جڏهن قينان ستر سالن جو ٿيو تہ کيس مهللايل نالي پٽ ڄائو. |
|
| 13 |
|
| پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ قينان اٺ سؤ چاليهہ سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. |
|
| 14 |
|
| قينان نو سؤ ڏهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. |
|
| 15 |
|
| جڏهن مهللايل پنجهٺ سالن جو ٿيو تہ کيس يارد نالي پٽ ڄائو. |
|
| 16 |
|
| پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ هو اٺ سؤ ٽيهہ سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. |
|
| 17 |
|
| مهللايل اٺ سؤ پنجانوي سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. |
|
| 18 |
|
| جڏهن يارد هڪ سؤ ٻاهٺ سالن جو ٿيو تہ کيس حنُوڪ نالي هڪ پٽ ڄائو. |
|
| 19 |
|
| پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ يارد اٺ سؤ سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. |
|
| 20 |
|
| هن نو سؤ ٻاهٺ سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. |
|
| 21 |
|
| جڏهن حنُوڪ پنجهٺ سالن جو ٿيو تہ کيس متُوشلح نالي هڪ پٽ ڄائو. |
|
| 22 |
|
| تنهن کان پوءِ حنُوڪ ٽي سؤ سالن تائين خدا جي رفاقت ۾ رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. |
|
| 23 |
|
| سندس سموري عمر ٽي سؤ پنجهٺ سال هئي. |
|
| 24 |
|
| حنُوڪ پنهنجي حياتي خدا جي رفاقت ۾ گذاريندو رهيو ۽ پوءِ جيئن تہ خدا هن کي کڻي ورتو، سو هو وري نظر نہ آيو. |
|
| 25 |
|
| جڏهن متُوشلح هڪ سؤ ستاسي سالن جو ٿيو تہ کيس لمڪ نالي هڪ پٽ ڄائو. |
|
| 26 |
|
| پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ هو ست سؤ ٻياسي سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. |
|
| 27 |
|
| متُوشلح نو سؤ اوڻهتر سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. |
|
| 28 |
|
| جڏهن لمڪ هڪ سؤ ٻياسي سالن جو ٿيو تہ کيس هڪ پٽ ڄائو. |
|
| 29 |
|
| هن پٽ جو نالو هي چوندي نوح رکيو تہ ”هي ٻار انهيءَ زمين تي، جنهن تي خدا لعنت ڪئي هئي، اسان جي سموري پورهئي ۽ محنت کان اسان کي آرام ڏيندو.“ |
|
| 30 |
|
| نوح جي ڄمڻ کان پوءِ لمڪ پنج سؤ پنجانوي سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. |
|
| 31 |
|
| لمڪ ست سؤ ستهتر سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. |
|
| 32 |
|
| جڏهن نوح پنج سؤ سالن جو ٿيو تہ کيس سِم، حام ۽ يافت نالي ٽي پٽ ڄاوا. |
|
|
|
|