|
| 1 |
|
| ۽ خداوند نوح کي چيو تہ تون ۽ تنهنجو سڄو خاندان اچي ٻيڙيءَ ۾ رهو ڇالاءِ جو مون هن زماني ۾ رڳو توکي ئي پنهنجي حضور ۾ راستباز ڏٺو آهي. |
|
| 2 |
|
| ۽ سڀني پاڪ جانورن مان ست ست نر ۽ انهن جون ماديون؛ ۽ جيڪي پاڪ نہ آهن، تن مان ٻہ ٻہ نر ۽ انهن جون ماديون پاڻ سان گڏ آڻ. |
|
| 3 |
|
| هوا جي پکين مان ٻہ ٻہ نر ۽ سندن ماديون آڻ، تہ زمين تي انهن جو نسل قائم رهي. |
|
| 4 |
|
| ڇالاءِ جو ستن ڏينهن کان پوءِ، آءٌ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون زمين تي مينهن وسائيندس، ۽ جيڪي بہ ساهوارا مون جوڙيا آهن، تن سڀني کي برباد ڪندس. |
|
| 5 |
|
| تڏهن نوح خداوند جي حڪم موجب سڀ ڪجهہ ڪيو. |
|
| 6 |
|
| جڏهن زمين تي پاڻيءَ جو طوفان آيو، تڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ ورهيہ هئي. |
|
| 7 |
|
| پوءِ نوح، سندس پٽ، سندس زال ۽ سندس پٽن جون زالون، پاڻيءَ جي طوفان ڪري اچي ٻيڙيءَ ۾ رهيا. |
|
| 8 |
|
| ۽ پاڪ جانورن مان، ۽ جيڪي جانور پاڪ نہ آهن تن مان، ۽ پکين مان، ۽ زمين تي سرندڙ جيتن مان؛ |
|
| 9 |
|
| ٻہ ٻہ نر ۽ ماديون نوح سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ اچي رهيا، جيئن خداوند نوح کي فرمايو هو. |
|
| 10 |
|
| ۽ ستن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو جو پاڻيءَ جو طوفان زمين تي آيو. |
|
| 11 |
|
| جڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ ورهين جي هئي، تڏهن انهيءَ سال جي ٻئي مهيني جي سترهين تاريخ وڏي سمنڊ جا سڀئي چشما ڦاٽي پيا، ۽ آسمان جون دريون پٽجي پيون، |
|
| 12 |
|
| ۽ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون زمين تي مينهن پئي پيو. |
|
| 13 |
|
| انهيءَ ساڳئي ڏينهن نوح ۽ سندس ٽي پٽ، سم، حام ۽ يافت ۽ نوح جي زال ۽ نوح جي پٽن جون ٽي زالون اهي سڀ ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا. |
|
| 14 |
|
| ۽ سڀ ڪنهن قسم جا جانور، ۽ سڀ ڪنهن قسم جا ڍور، ۽ سڀ ڪنهن قسم جا زمين تي سرندڙ جيت، ۽ سڀ ڪنهن قسم جا وڏا ۽ ننڍا پکي. |
|
| 15 |
|
| ۽ سڀني ساهوارن مان جوڙو جوڙو نوح وٽ ٻيڙيءَ ۾ آيو. |
|
| 16 |
|
| ۽ جيڪي بہ ساهوارا اندر آيا سي خدا جي حڪم موجب نر ۽ مادي هئا، پوءِ خداوند انهيءَ کي ٻاهران بند ڪري ڇڏيو. |
|
| 17 |
|
| پوءِ چاليهہ ڏينهن زمين تي سيلاب رهيو ۽ پاڻي چڙهندو ويو، ۽ ٻيڙيءَ کي مٿي کنيائين، سو ٻيڙي زمين تان کڄي مٿي ٿي. |
|
| 18 |
|
| ۽ پاڻي زمين تي چڙهندو رهيو، ۽ گهڻو وڌي ويو ۽ ٻيڙي پاڻيءَ تي ترڻ لڳي. |
|
| 19 |
|
| ۽ پاڻي زمين تي تمام گهڻو چڙهيو، اهڙو جو جيڪي بہ وڏا جبل دنيا ۾ هئا، سي سڀئي ٻڏي ويا. |
|
| 20 |
|
| پاڻي انهن کان بہ پندرهن هٿ مٿي هو، ۽ جبل پاڻيءَ جي هيٺ اچي ويا. |
|
| 21 |
|
| ۽ جيڪي بہ ساهوارا زمين تي گهميا ٿي، جهڙوڪ پکي، ڍور، مرون، سرندڙ جيت ۽ انسان سي سڀئي مري ويا. |
|
| 22 |
|
| ۽ جن ۾ زندگيءَ جو دم هو ۽ جيڪي سڪيءَ زمين تي رهندا هئا، سي سڀئي مري ويا. |
|
| 23 |
|
| جيڪا بہ ساهواري شيءِ زمين تي هئي، سا برباد ٿي ويئي. ماڻهو توڙي جانور، سرندڙ جيت توڙي هوا جا پکي، سڀئي زمين تان ميٽجي ويا. رڳو نوح ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ ٻيڙيءَ ۾ هئا، سي وڃي بچيا. |
|
| 24 |
|
| ۽ ڏيڍ سو ڏينهن تائين پاڻي زمين تي چڙهندو رهيو. |
|
|
|
|