|
| 1 |
|
| خداوند نوح کي چيو تہ ”تون پنهنجي سڄي ڪٽنب سميت اچي ٻيڙي ۾ چڙهہ. مون ڏٺو آهي تہ سڄيءَ دنيا ۾ تون ئي هڪڙو آهين جيڪو سچار آهين. |
|
| 2 |
|
| سڀني پاڪ جانورن مان ست ست جوڙا يعني نر ۽ ماديون ۽ ناپاڪ جانورن مان هڪ هڪ جوڙو يعني نر ۽ مادي پاڻ سان گڏ کڻج. |
|
| 3 |
|
| هر قسم جي پکين مان بہ ست ست جوڙا يعني نر ۽ ماديون کڻج، تہ جيئن ڌرتيءَ تي انهن جو نسل قائم رهي. |
|
| 4 |
|
| ستن ڏينهن کان پوءِ آءٌ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون ڌرتيءَ تي مينهن وسائيندس ۽ سڀني ساهوارن کي، جيڪي مون بڻايا آهن برباد ڪري ڇڏيندس.“ |
|
| 5 |
|
| سو نوح ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند کيس فرمايو هو. |
|
| 6 |
|
| جڏهن ڌرتيءَ تي ٻوڏ آئي تڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ سال هئي. |
|
| 7 |
|
| نوح ۽ سندس زال، سندس پٽ ۽ انهن جون زالون ٻوڏ کان بچڻ لاءِ اچي ٻيڙي ۾ چڙهيا. |
|
| 8 |
|
| هر قسم جي پاڪ ۽ ناپاڪ جانورن، پکين ۽ زمين تي سرندڙ جيتن مان جوڙو جوڙو |
|
| 9 |
|
| نوح سان گڏ ٻيڙي ۾ اچي چڙهيو، جيئن خدا فرمايو هو. |
|
| 10 |
|
| ستن ڏينهن کان پوءِ ڌرتيءَ تي ٻوڏ آئي. |
|
| 11 |
|
| جڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ سال هئي، تڏهن انهيءَ سال جي ٻئي مهيني جي سترهين تاريخ تي ڌرتيءَ جي هيٺان چشما ڦٽي نڪتا ۽ آسمان جون دريون کُلي پيون. |
|
| 12 |
|
| چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون ڌرتيءَ تي مينهن پوندو رهيو. |
|
| 13 |
|
| انهيءَ ساڳئي ڏينهن نوح ۽ سندس زال پنهنجي ٽنهي پٽن سِم، حام ۽ يافت ۽ انهن جي زالن سان گڏ ٻيڙي ۾ چڙهيا. |
|
| 14 |
|
| انهن سان گڏ هر قسم جا جانور، ڍور، زمين تي سرندڙ جيت ۽ هر قسم جا پکي ٻيڙي ۾ چڙهيا. |
|
| 15 |
|
| سڀني ساهوارن مان جوڙو جوڙو يعني نرماد نوح سان گڏ ٻيڙي ۾ چڙهيا، |
|
| 16 |
|
| جيئن خدا فرمايو هو. پوءِ خداوند انهيءَ کي ٻاهران بند ڪري ڇڏيو. |
|
| 17 |
|
| چاليهن ڏينهن تائين ڌرتيءَ تي ٻوڏ ايندي رهي ۽ پاڻي ويو چڙهندو، تان جو ٻيڙو مٿي کڄي ترڻ لڳو ۽ ڌرتيءَ کان کڄي مٿي ٿيو. |
|
| 18 |
|
| پاڻي ڌرتيءَ تي چڙهندو چڙهندو گھڻو وڌي ويو ۽ ٻيڙو پاڻيءَ تي ترڻ لڳو. |
|
| 19 |
|
| پاڻي ڌرتيءَ تي ايترو تہ چڙهيو جو سڄيءَ دنيا جا وڏا وڏا جبل بہ ٻڏي ويا. |
|
| 20 |
|
| پاڻي انهن کان بہ ست ميٽر مٿي هو. |
|
| 21 |
|
| جيڪي بہ ساهوارا ڌرتيءَ تي گھميا پئي، جهڙوڪ پکي، حيوان، جھنگلي جانور، زمين تي سرندڙ جيت ۽ انسان، سي سڀ مري ويا. |
|
| 22 |
|
| جن ۾ بہ زندگيءَ جو دم هو ۽ سڪيءَ زمين تي رهندا هئا سي سڀ مري ويا. |
|
| 23 |
|
| جيڪا بہ ساهواري شيءِ ڌرتيءَ تي هئي، ماڻهو توڙي جانور، زمين تي سرندڙ جيت توڙي پکي، سي سڀ مري ويا. رڳو نوح ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ ٻيڙي ۾ هئا سي وڃي بچيا. |
|
| 24 |
|
| اهو پاڻي ڏيڍ سؤ ڏينهن تائين ڌرتيءَ تي بيٺو هو. |
|
|
|
|