جيئن تہ بهار جي موسم ۾ بادشاهہ اڪثر جنگ تي ويندا آهن، سو ايندڙ بهار جي موسم ۾ دائود پنهنجي سالارن ۽ بني اسرائيل جي سڄي لشڪر کي يوآب سان گڏ جنگ تي روانو ڪيو. هنن بني عمون کي ماري چٽ ڪري ڇڏيو ۽ سندن شهر ربہ کي گھيرو ڪيائون. پر دائود پاڻ يروشلم ۾ ئي رهيو.
تڏهن اورياہ دائود کي وراڻيو تہ ”يهوداہ بلڪ سڄي بني اسرائيل جا ماڻهو ۽ عهد واري صندوق جنگ جي ميدان ۾ هجي، منهنجو سپهہسالار يوآب ۽ منهنجي آقا بادشاهہ جا سالار کُليل ميدان تي منزل ڪيو لٿا پيا هجن ۽ آءٌ پنهنجي گھر وڃي کاوان، پيئان ۽ پنهنجيءَ زال سان وڃي سمهان؟ هرگز نہ، اوهان جي سر جو ۽ اوهان جي جان جو قسم آهي تہ مون کان اهو ڪم ڪين ٿيندو.“
پوءِ جيڪڏهن بادشاهہ کي ڪاوڙ اچي وڃي ۽ هو تو کي چوي تہ ’وڙهڻ جي لاءِ شهر جي ايترو ويجھو ڇو ويئُہ؟ ڇا اوهان ايترو بہ ڪين ٿي ڄاتو تہ هو ديوار تان اوهان کي تير هڻندا؟
جِدعون جو پٽ ابيملڪ بہ تہ ائين ئي مري ويو هو جو هڪڙيءَ عورت تيض شهر جي ڀت تان جنڊ جو پُڙ مٿس اڇلايو هو ۽ هو اتي ئي مري ويو هو. پوءِ ڇو اوهين ڀت کي ايترو ويجھو ويا؟‘ تڏهن تون ٻڌائجانس تہ ’توهان جو نوڪر اورياہ حتي بہ مارجي ويو آهي.‘“
قاصد دائود کي چيو تہ ”دشمن سپاهي اسان تي غالب پئجي ويا ۽ شهر مان نڪري اسان تائين ميدان ۾ آيا. پر اسين جڏهن هنن تي ڪاهہ ڪري کين واپس شهر جي دروازي تائين ڀڄائي وياسين،
تنهن تي دائود قاصد کي چيو تہ ”تون وڃي يوآب کي همت ڏياري چئجانءِ تہ ’انهيءَ ڳالهہ جي ڪري تون دلگير نہ ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ جنگ ۾ ڪير بہ مري سگھي ٿو. شهر تي وڌيڪ زور سان حملو ڪر ۽ انهيءَ کي برباد ڪري ڇڏ.‘“