۽ بادشاهہ رحبعام اُنهن پير مردن سان صلاح ڪئي، جي سندس پيءُ سليمان جي حياتيءَ ۾ انهيءَ جي اڳيان بيهندا هئا، ۽ چيائين تہ اوهين مون کي ڪهڙي صلاح ٿا ڏيو تہ هنن ماڻهن کي ڪهڙو جواب ڏيان؟
پر جيڪا صلاح اُنهن پير مردن هن کي ڏني، سا هن رد ڪئي، پر جيڪي جوان ماڻهو هن سان گڏ پلجي وڏا ٿيا هئا ۽ سندس اڳيان بيهندا هئا، اُنهن سان صلاح مشورت ڪرڻ لڳو.
۽ جوان ماڻهن جي صلاح پٺيان هنن کي چيائين تہ منهنجي پيءُ اوهان جي پاڃاري ڳري ڪئي هئي، پر آءٌ پاڻ انهيءَ کان بہ ڳري ڪندس: منهنجي پيءُ اوهان کي چهبڪن سان سزا ٿي ڏني، پر آءٌ اوهان کي وڇن سان سزا ڏيندس.
۽ انهيءَ طرح بادشاهہ هنن ماڻهن جي دانهن نہ ٻڌي؛ ڇالاءِ جو اها ڳالهہ خداوند جي طرفان ٿيل هئي تہ هو پنهنجو ڪلام قائم ڪري، جو خداوند اخياہ سيلاني جي هٿان يربعام بن نباط سان ڪيو هو.
۽ جڏهن رحبعام يروشلم ۾ آيو تڏهن هن يهوداہ جو سارو گهراڻو ۽ بنيمين جو فرقو، جي هڪ لک اسي هزار چونڊيل ماڻهو جنگي بهادر هئا سي گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ اسرائيل جي گهراڻي سان جنگ ڪري، ۽ بادشاهي وري رحبعام بن سليمان جي هٿ ۾ آڻي.
جيڪڏهن هي ماڻهو يروشلم ۾ وڃي خداوند جي گهر ۾ قربانيون چاڙهيندا تہ هنن ماڻهن جي دل وري پنهنجي ڌڻيءَ ڏانهن لاڙو رکندي، يعني يهوداہ جي بادشاهہ رحبعام ڏي؛ ۽ مون کي ماري موٽي رحبعام يهوداہ جي بادشاهہ ڏي ويندا.
تنهنڪري بادشاهہ صلاح ڪري سون جا ٻہ گابا جوڙيا؛ ۽ ماڻهن کي چيائين تہ يروشلم تائين وڃڻ ۾ اوهان کي گهڻي تڪليف ٿيندي؛ اي اسرائيليو، اِجهو پنهنجا معبود ڏسو، جن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو.
۽ اٺين مهيني ۾، يعني جيڪو مهينو هن پنهنجي مرضيءَ موجب مقرر ڪيو، تنهن جي پندرهين تاريخ هو پنهنجي جوڙيل قربانگاهہ تائين چڙهي ويو؛ ۽ بني اسرائيل جي لاءِ هڪڙي عيد مقرر ڪيائين، ۽ قربانگاهہ تي وڃي لوبان ساڙيائين.