۽ تنهن کان سواءِ ياهو بن حناني نبيءَ جي هٿان بعشا جي برخلاف ۽ سندس گهراڻي جي برخلاف ڪلام آيو، ڇالاءِ جو هن خداوند جي نظر ۾ گهڻا ئي خراب ڪم ڪيا هئا ۽ پنهنجن هٿن جي ڪم سان هن کي ڪاوڙايو هئائين، ڇالاءِ جو هو يربعام جي گهراڻي جهڙو هو، ۽ هن انهي کي ماريو بہ هو.
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن تخت تي ويهڻ شرط هن بعشا جي ساري گهراڻي کي مارائي ڇڏيو: هن انهيءَ جو هڪڙو ڇوڪر بہ نہ ڇڏيو، نہ سندس مٽن مائٽن جو، ۽ نہ سندس دوستن جو.
۽ هن سمر کان چانديءَ جا ٻہ قنطار ڏيئي سامريہ جو ٽڪر خريد ڪيو؛ ۽ اُنهيءَ ٽڪر تي هن هڪڙو شهر اڏايو، ۽ جيڪو شهر اڏايائين اُنهيءَ تي اُنهيءَ ٽڪر جي مالڪ سمر جي نالي پٺيان سامريہ نالو رکيائين.
ڇالاءِ جو هو هر طرح يربعام بن نباط جي رستن تي هليو، ۽ اسرائيل کان گناهہ ڪرائڻ جو گناهہ ڪري، خداوند اسرائيل جي خدا کي اُنهن جي اجاين ڪمن سان ڪاوڙايائين.
۽ هيئن ٿيو تہ ڄڻ يربعام بن نباط جي گناهن تي هلڻ هن کي هلڪي ڳالهہ نظر ٿي آئي، جو هن صيدونين جي بادشاهہ اتبعل جي ڌيءَ ايزبل سان شادي ڪئي، ۽ وڃي بعل جي خدمت ڪيائين، ۽ اُنهيءَ کي سجدو ڪيائين.
۽ اخي آب يسيرت جوڙايو؛ ۽ اخي آب اڃا بہ ٻيا ڪم ڪيا جن سان خداوند اسرائيل جي خدا کي ايترو ڪاوڙايائين جيترو اسرائيل جي ٻين بادشاهن نہ ڪاوڙايو هو، جي کانئس اڳي ٿي گذريا هئا.
هن جي ڏينهن ۾ حي ايل بيت ايليءَ يريحو اڏايو: هن پنهنجي پهريتي پٽ ابرام تي اُنهيءَ جو بنياد وڌو، ۽ پنهنجي سڀ کان ننڍي پٽ سجوب تي اُنهيءَ جا در بيهاريائين؛ جيئن ڪ خداوند يشوع بن نون جي معرفت ڪلام ڪيو هو.