”جيتوڻيڪ مون تو کي مٽيءَ مان کڻي مٿي ڪيو ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي ڏهن قبيلن مٿان تو کي اسرائيل جو بادشاهہ بڻايم، تنهن هوندي بہ تون يربعام جي رستي تي هليو آهين، جو منهنجي قوم بني اسرائيل کان گناهہ ڪرائي مون کي ڪاوڙايو اٿيئي.
تڏهن زمري اندر گھڙي اچي هن کي ڌڪ هڻي ماري وڌو. اهو واقعو يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي بادشاهيءَ جي ستاويهين سال ۾ ٿيو. تنهن بعد زمري هن جي جاءِ تي تختنشين ٿيو.
يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي بادشاهيءَ جي ستاويهين سال ۾، زمري ترضہ شهر ۾ رهي ست ڏينهن بادشاهي ڪئي. تن ڏينهن ۾ اسرائيل جو لشڪر فلستين جي شهر جِبتون کي گھيري هيٺ رکيو ويٺو هو.
اهڙيءَ طرح يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي بادشاهيءَ جي ايڪٽيهين سال ۾ عمري اسرائيل ملڪ تي بادشاهہ ٿيو ۽ اٽڪل ٻارهن سال بادشاهي ڪيائين. پهريائين هن ترضہ شهر ۾ ڇهن سالن تائين بادشاهي ڪئي.
پوءِ هن سمر نالي هڪ شخص کان ستر ڪلوگرام چانديءَ جي عيوض سامريہ جي ٽَڪري خريد ڪئي. هن انهيءَ ٽڪريءَ تي هڪ شهر اڏايو ۽ اتان ئي بادشاهي ڪرڻ لڳو. هن ٽڪريءَ جي اڳئين مالڪ سمر جي نالي پٺيان ان شهر جو نالو سامريہ رکيو.
يربعام ولد نباط جي راهہ تي هلندي هن پاڻ بہ گناهہ ڪيا ۽ اسرائيل وارن کان بہ گناهہ ۽ بتپرستي ڪرايائين. اهڙيءَ طرح هن خداوند ، بني اسرائيل جي خدا کي ڪاوڙايو.
يربعام ولد نباط جي گناهن تي هلڻ هن کي ڄڻ تہ خسيس ڳالهہ نظر ٿي آئي. سو هن صيدونين جي بادشاهہ اتبعل جي ڌيءَ ايزبل سان شادي ڪئي ۽ بعل ديوتا کي پوڄڻ شروع ڪري ڏنائين.
هن يسيرہ ديويءَ جي مورتيءَ وارو ٿنڀو پڻ ٺهرايو. هن ٻيا بہ اهڙا ڪم ڪيا جن سان اسرائيل جي اڳين بادشاهن کان بہ وڌيڪ خداوند ، بني اسرائيل جي خدا کي ڪاوڙايائين.