هن لبنان جي ٻيلي واري ڪاٺ مان محل جو هال ٺهرايو جنهن جي ڊيگھہ ڇائيتاليهہ ميٽر، ويڪر ٽيويهہ ميٽر ۽ اوچائي ساڍا تيرهن ميٽر هئي. محل جو هال ديال ڪاٺ جي ٿنڀن جي چئن قطارن تي بيٺل هو ۽ ٿنڀن جي مٿان ديال جا پنجيتاليهہ شهتير رکيل هئا، هر هڪ قطار جي لوُئيِ ۾ پندرهن پندرهن شهتير هئا. هال جي ڇت ديال جي ڪاٺ مان ٺهيل هئي.
سليمان جي رهائشگاهہ جيڪا عدالت واري انهيءَ هال جي پٺيان ٻئي صحن ۾ هئي تنهن تي بہ ساڳئي قسم جو ڪم ٿيل هو. سليمان پنهنجي زال جيڪا فرعون جي ڌيءَ هئي، تنهن لاءِ بہ عدالت جي انهيءَ هال جهڙو گھر ٺهرايو.
محل جي وڏي صحن جي چوڌاري جيڪي ڀتيون هيون تن ۾ ڪٽيل پٿرن جي هر ٽئين بار کان پوءِ هڪ بار ديال جي شهتيرن جو هو، جهڙيءَ طرح هيڪل جو اندريون اڱڻ ۽ ورانڊو ٺاهيو ويو هو.
هو نفتالي قبيلي جي هڪ رنزال جو پٽ هو ۽ هن جو پيءُ صور شهر جو رهاڪو هو ۽ اهو بہ پتل جي ڪم جو ڪاريگر هو. حورام پتل جي هر قسم جي ڪم ۾ تمام ماهر ۽ تجربيڪار هو. هو سليمان وٽ آيو ۽ جيڪو بہ ڪم کيس ڏنو ٿي ويو سو پورو ٿي ڪيائين.
اهو حوض ٻارهن پتل جي ٺهيل ڏاندن جي پٺين تي رکيو ويو جن جا پٺيان پاسا اندر حوض طرف هئا. انهن مان ٽن ڏاندن جو منهن اتر ڏانهن، ٽن جو اولهہ ڏانهن، ٽن جو ڏکڻ ڏانهن ۽ ٽن جو اوڀر ڏانهن هو.
هر هڪ ريڙهيءَ کي چار پتل جا ڦيٿا ۽ پتل جون ئي سرايون هيون. هر هڪ ريڙهيءَ ۾ هڪ ننڍو حوض رکڻ لاءِ هيٺان چئني ڪنڊن تي پلٽيل ٽيڪون هنيون ويون. هر هڪ ٽيڪ تي هار ٺاهيا ويا.
هر هڪ ريڙهيءَ جي مٿان هڪ گول فريم ٺاهيو ويو جيڪو منو ميٽر ويڪرو هو ۽ انهيءَ ويڪر مان اڌ ميٽر ريڙهيءَ جي ڪناري کان مٿي بيٺل هو. ان تي چوڌاري اُڪر جو ڪم ٿيل هو. جڏهن تہ ريڙهين جون ڪناريون گول نہ پر چورس ٺاهيون ويون.
ريڙهيءَ جي ڪناري جي چئني پاسن جي ڪنڊن تي گولايون ٺاهيون ويون جن مان هر هڪ جي اوچائي ميٽر جو چوٿون حصو هئي. هر هڪ ريڙهيءَ جا تختا ۽ فريم ريڙهيءَ سان جوڙيا ويا.
پوءِ حورام ڪاريگر پتل جا ڏهہ ننڍا حوض ٺاهيا، هر هڪ ريڙهيءَ ۾ هڪ حوض رکڻو هو. هر هڪ ننڍي حوض ۾ پوڻا نوَ سؤ ليٽر ماپيا ٿي ۽ هر هڪ حوض پوڻا ٻہ ميٽر ويڪرو هو.
حورام ڪاريگر ٿانوَ، ڪوڏريون ۽ ٿالهہ پڻ ٺاهيا. اهڙيءَ طرح حورام ڪاريگر اُهو سمورو پتل جو ڪم پورو ڪيو جيڪو کيس سليمان بادشاهہ جي حڪم مطابق خداوند جي هيڪل ۾ ڪرڻو هو يعني