تہ آءٌ اسرائيل تي تنهنجي بادشاهيءَ جو تخت هميشہ لاءِ قائم ڪندس؛ جيئن ڪ مون تنهنجي پيءُ دائود سان عهد اقرار ڪيو هو، ۽ چيو هومانس تہ تو وٽ اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ ماڻهوءَ جي ڪمي نہ ٿيندي.
۽ هو ورندي ڏيندا تہ هن ڪري جو هنن خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي ڏنو، جنهن هنن جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، ۽ ٻيا معبود رکي انهن کي سجدو ڏنائون، ۽ انهن جي خدمت چاڪري ڪيائون: تنهنڪري خداوند هيءَ سڀ خرابي هنن تي آندي آهي.
(هاڻي صور جي بادشاهہ حيرام سليمان کي ديودار جو ڪاٺ ۽ صنوبر جو ڪاٺ ۽ سون، هن جي خواهش موجب موجود ڪري ڏنو،) تنهن عرصي جي گذرڻ کان پوءِ، هيئن ٿيو تہ سليمان حيرام کي گليل جي ملڪ ۾ ويهہ شهر ڏنا.
مصر جي بادشاهہ فرعون چڙهي وڃي جزر ورتو هو، ۽ انهيءَ کي باهہ سان ساڙي، جيڪي ڪنعاني انهيءَ شهر ۾ هئا تن کي قتل ڪيائين، ۽ پوءِ اُهو پنهنجي ڌيءَ سليمان جي زال کي ڏاج ۾ ڏيئي ڇڏيو هئائين.
اُنهن جو اولاد، جو کانئن پوءِ اُنهيءَ زمين ۾ رهجي ويو هو، ۽ جن کي بني اسرائيل اصل چٽ ڪري نہ سگهيا هئا، تن مان سليمان زوريءَ ڀرتي ڪري ٻانها بنايا، جي اڄ ڏينهن تائين هليا اچن.
۽ سال ۾ ٽي ڀيرا سليمان سوختني قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون اُنهيءَ قربانگاهہ تي چاڙهيندو هو، جا هن خداوند جي لاءِ جوڙائي، ۽ اُنهن سان گڏ قربانگاهہ تي لوبان بہ ساڙيندو هو، جا خداوند جي اڳيان هئي. انهيءَ طرح هن اُهو گهر اڏائي پورو ڪيو.