۽ يهوآس ڪاهنن کي چيو تہ پاڪ شين جا جيڪي پئسا، يعني چالو نقد ناڻو جو خداوند جي گهر ۾ اچي ٿو، يعني هرهڪ ماڻهو تي جيڪي ٻڌل آهي تنهن جا پئسا، ۽ جيڪي ڪو پنهنجي مرضيءَ سان خداوند جي گهر ۾ آڻي ٿو، تنهن جا پئسا،
۽ جيڪي پئسا توري کنيا ويا سي اُنهن ڪم ڪندڙن جي هٿن ۾ ڏنا ويا، جي خداوند جي گهر جي نظرداري ڪندا هئا: ۽ جن واڍن ۽ رازن خداوند جي گهر تي ڪم ڪيو هو، تن کي اُهي ڏنائون؛
پر خداوند جي گهر لاءِ چانديءَ جا پيالا، ۽ ڦلن وڍڻ جون ڪينچيون، ۽ رڪابيون، ۽ قرنائون، ۽ سون يا چانديءَ جا ڪي بہ باسڻ اُنهن پئسن مان نہ جوڙايا ويا هئا، جي خداوند جي گهر ۾ ايندا هئا:
تنهن کان سواءِ جن ماڻهن جي هٿن ۾ هو اُهي پئسا ڪم ڪرڻ وارن کي ڏيڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيندا هئا تن کان ڪوبہ حساب نہ وٺندا هئا: ڇالاءِ جو هو ايمانداريءَ سان هلندا هئا.
ڇالاءِ جو سندس نوڪرن يوسڪار بن سماعت، ۽ يهوزبد بن شومير هن کي ماريو، ۽ هو مري ويو؛ ۽ هن کي دائود جي شهر ۾ سندس ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيائون: ۽ سندس پٽ امصياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.