انهيءَ هوندي بہ هو يربعام جي گهراڻي وارن گناهن کان باز نہ آيا، جن سان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايو، پر انهن تي هلندا آيا: ۽ سامريہ ۾ يسيرت بہ رهيو پيو هو.)
هاڻي يوآس جا باقي ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو ۽ جنهن طاقت سان هو يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ سان وڙهيو، سي اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟
۽ هن چيو تہ اُڀرندي ڏانهن دري کول: ۽ هن اُها کولي. تڏهن اليشع چيو تہ تير هڻ: ۽ هن تير هنيو. ۽ هن چيو تہ خداوند جي فتح جو تير، يعني ارام تي فتح جو تير: ڇالاءِ جو تون افيق ۾ ارامين کي شڪست ڏيندين، جيسين ڪ هنن کي ماري چٽ ڪرين.
۽ خدا جو مرد هن تي ڪاوڙيو ۽ چوڻ لڳو تہ توکي پنج يا ڇهہ ڀيرا ڌڪ هڻڻ گهربو هو؛ پوءِ جيڪر ارام کي اهڙي شڪست ڏين ها، جو اُنهيءَ کي چٽ ڪري ڇڏين ها: پر هاڻي تون ارام کي رڳو ٽي ڀيرا شڪست ڏيندين.
پر خداوند هنن تي مهربان هو ۽ مٿن رحم ڪيائين، ۽ سندن لحاظ رکيائين، جو ابراهيم، ۽ اسحاق، ۽ يعقوب سان عهد اقرار ڪيو هئائين، ۽ هنن کي چٽ ڪرڻ نٿي گهريائين ۽ نہ اڃا تائين هنن کي پنهنجي حضور مان پاسي ڪري ڇڏيائين.
۽ يوآس بن يهوآخز، خزائيل جي بن هدد کان اُهي شهر کسي ورتا، جي هن جنگ ڪرڻ سان سندس پيءُ يهوآخز جي هٿن مان ورتا هئا. يوآس ٽي ڀيرا هن کي شڪست ڏني، ۽ اُهي اسرائيل وارا شهر هن کان وري ورتائين.