يهوداہ جي بادشاهہ يوآس ولد اخزياہ جي بادشاهيءَ جي ٽيويهين سال يهوآخز ولد ييهو اسرائيل جو بادشاهہ بڻيو ۽ هن سامريہ شهر ۾ رهي اٽڪل سترهن سال بادشاهي ڪئي.
هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙا ڪم ڪيا ۽ بادشاهہ يربعام ولد نباط جي گناهن جي پيروي ڪيائين، جنهن سان هن اسرائيل وارن کان گناهہ ڪرايا هئا. سو هو انهيءَ رستي تي هلندو آيو.
يهوآس جو باقي احوال جيڪي ڪجھہ هن ڪيو، سو سندس ڪارنامن ۽ انهيءَ جنگ سميت جا هن يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ سان ڪئي، سي سڀ ” اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.
تنهن تي خدا جو بندو مٿس ڪاوڙيو ۽ کيس چوڻ لڳو تہ ”تو کي اهي پنج يا ڇهہ ڀيرا زمين تي هڻڻ گھربا هئا، پوءِ تون ارامين کي پوريءَ طرح تباهہ ڪري ڇڏين ها. پر هاڻي تون ارامين کي رڳو ٽي ڀيرا شڪست ڏيندين.“
پر خداوند هنن تي مهربان ٿيو ۽ مٿن رحم ڪيائين ۽ ابراهيم ، اسحاق ۽ يعقوب سان پنهنجي ٻڌل عهد جي ڪري هنن تي ٻاجھہ ڪيائين. اڄ ڏينهن تائين هن کين تباهہ ڪرڻ يا پنهنجي حضور مان تڙي ڪڍڻ نہ چاهيو.
بنهدد جي بادشاهيءَ دوران يهوآس ولد يهوآخز اهي شهر کانئس کسي ورتا جيڪي هن جنگ ۾ سندس پيءُ يهوآخز کان قبضي ڪيا هئا. يهوآس ٽي ڀيرا هن کي شڪست ڏني ۽ اسرائيل جا شهر هن کان موٽائي هٿ ڪيائين.