۽ ايلياہ اليشع کي چيو تہ مهرباني ڪري هتي ترس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي بيت ايل تائين موڪليو آهي. ۽ اليشع چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي ۽ تنهنجيءَ جان جو قسم آهي تہ آءٌ توکي نہ ڇڏيندس. تنهنڪري هو بيت ايل ڏي ويا.
۽ ايلياہ هن کي چيو تہ اي اليشع، ڀلائي ڪري هتي ترس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي يريحو ڏي موڪليو آهي. ۽ هن چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجيءَ جان جو قسم آهي تہ آءٌ توکي نہ ڇڏيندس. تڏهن هو يريحو ۾ آيا.
۽ ايلياہ هن کي چيو تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ هتي ترس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي يردن ڏانهن موڪليو آهي. ۽ هن چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجيءَ جان جو قسم آهي تہ آءٌ توکي نہ ڇڏيندس. پوءِ هو ٻئي اڳتي هليا ويا.
۽ هن چيو تہ تو مشڪل سوال ڪيو آهي: انهيءَ هوندي بہ جڏهن آءٌ تو وٽان کڄي وڃان، تڏهن جي تون مون کي ڏسندين تہ توسان ائين ٿيندو، پر جي نہ، تہ ائين نہ ٿيندو.
۽ جڏهن نبين جا پٽ، جي هن جي سامهون يريحو ۾ هئا، تن هن کي ڏٺو، تڏهن هو چوڻ لڳا تہ ايلياہ جو روح اليشع تي اچي پيو آهي، ۽ هو سندس استقبال لاءِ آيا، ۽ سندس اڳيان زمين تائين جهڪيا.
۽ هن کي چيائون تہ هاڻي ڏس، تنهنجن ٻانهن سان پنجاهہ زور وارا ماڻهو آهن؛ اسين عرض ٿا ڪريون تہ اُنهن کي موڪل ڏي تہ وڃي تنهنجي ڌڻيءَ کي ڳولين، متان خداوند جي روح هن کي کڻي وڃي ڪنهن جبل تي يا ڪنهن واريءَ ۾ اُڇلايو هجي. ۽ هن چيو تہ انهن کي نہ موڪليو.
۽ شهر جي ماڻهن اليشع کي چيو تہ ڏس، اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ هي شهر چڱيءَ جاءِ تي بيٺل آهي جيئن ڪ منهنجو ڌڻي پاڻ ٿو ڏسي: مگر انهيءَ جو پاڻي ٻاڙو آهي، ۽ زمين پيدائش جهڙي نہ آهي.
۽ هو نڪري پاڻيءَ جي چشمي تي ويو، ۽ اُنهيءَ ۾ لوڻ اُڇلائي چيائين تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ مون هي پاڻي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي؛ هن کانپوءِ وري انهيءَ ۾ موت يا غير آبادي نہ رهندي.