هاڻي اليشع جنهن زال جي پٽ کي وري جيئرو ڪيو هو، تنهن کي چيائين تہ اُٿ، تون پنهنجي گهراڻي سميت وڃ ۽ جتي رهي سگهين اُتي وڃي رهہ: ڇالاءِ جو خداوند ڏڪار کي سڏيو آهي؛ ۽ اُهو هن زمين تي ست ورهيہ رهندو.
تڏهن حزائيل هن جي استقبال لاءِ نڪري ويو، ۽ پاڻ سان دمشق جون سڀ عمديون شيون، چاليهن اُٺن جي بار جيتريون، تحفو ڪري کڻائي ويو، ۽ وڃي هن جي اڳيان بيٺو، ۽ چوڻ لڳو تہ تنهنجي پٽ ارام جي بادشاهہ بن هدد مون کي تو ڏانهن موڪليو آهي، ۽ پڇيو اٿس تہ آءٌ هن بيماريءَ کان ڇُٽندس يا نہ؟
۽ هو اسرائيل جي بادشاهن جي رستي تي هليو، جيئن ڪ اخي آب جو گهراڻو هليو هو: ڇالاءِ جو اخي آب جي ڌيءَ هن جي زال هئي: ۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.
جڏهن هو بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن ٻاويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن هڪڙو سال يروشلم ۾ بادشاهي ڪئي. ۽ هن جي ماءُ جو نالو عتلياہ هو، جا اسرائيل جي بادشاهہ عمريءَ جي ڌيءَ هئي.
۽ هو اخي آب جي گهراڻي جي رستي تي هليو، ۽ اُهي ڪم ڪيائين جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا؛ جيئن ڪ اخي آب جي گهراڻي جا هئا؛ ڇالاءِ جو هو اخي آب جي گهراڻي جو ناٺي هو.
۽ بادشاهہ يورام کي جيڪي زخم رامہ ۾ ارامين جي هٿان رسيا هئا، جڏهن هن حزائيل ارامين جي بادشاهہ سان جنگ ڪئي هئي، تن جي ڇُٽائڻ لاءِ هو موٽي يزرعيل ۾ آيو. ۽ يهوداہ جو بادشاهہ اخزياہ بن يهورام، يورام بن اخي آب کي يزرعيل ۾ ڏسڻ ويو، جو هو بيمار هو.