|
| 1 |
|
| فلستين جِلبوعہ نالي جبل تي بني اسرائيل سان جنگ ڪئي. بني اسرائيل جا ڪيترائي ماڻهو اتي ماريا ويا ۽ ٻيا ڀڄي نڪتا. |
|
| 2 |
|
| فلستين سائول ۽ سندس پٽن جي پٺيان پئي کين سوڙهو ڪيو، نيٺ سائول جي پٽن يونتن، ابينداب ۽ ملڪيشوع کي ماري وڌائون. |
|
| 3 |
|
| ويڙهہ سائول کي وڪوڙي ويئي، تيرانداز وڃي کيس پهتا ۽ کيس زخمي ڪري وڌائون. |
|
| 4 |
|
| تڏهن سائول پنهنجي هٿياربردار کي چيو تہ ”پنهنجي تلوار ڪڍي مون کي ماري ڇڏ، نہ تہ هي اڻطهريل اچي مون کي بيعزتو ڪندا.“ پر سندس هٿياربردار ڊڄي ويو ۽ ائين نہ ڪيائين، تنهنڪري سائول پنهنجي تلوار ڪڍي انهيءَ تلوار مٿان ڪري پيو. |
|
| 5 |
|
| جڏهن انهي هٿياربردار ڏٺو تہ سائول مري ويو آهي تڏهن هو پاڻ بہ پنهنجي تلوار مٿان ڪري پيو ۽ مري ويو. |
|
| 6 |
|
| اهڙيءَ طرح سائول ۽ سندس ٽي پٽ مري ويا ۽ سندن سڄي گھراڻي ۾ ڪوبہ تخت جو وارث نہ رهيو. |
|
| 7 |
|
| يزرعيل ماٿريءَ ۾ رهندڙ بني اسرائيل جي ماڻهن جڏهن ٻڌو تہ سڄو لشڪر ڀڄي ويو آهي ۽ سائول ۽ سندس پٽ بہ مارجي ويا آهن، تڏهن هو پاڻ بہ پنهنجا شهر ڇڏي اُٿي ڀڳا. پوءِ فلستين اچي انهن تي قبضو ڪيو ۽ منجھن رهڻ لڳا. |
|
| 8 |
|
| ٻئي ڏينهن جڏهن فلستي لاشن کي لٽڻ لاءِ آيا، تڏهن سائول ۽ سندس ٽن پٽن جا لاش جِلبوعہ جبل تي پيل ڏٺائون. |
|
| 9 |
|
| هنن سائول جي سسي لاٿي ۽ سندس زرهہ بہ لاٿائون. پوءِ هنن قاصدن کي اهي شيون ڏيئي پنهنجي ملڪ فلستيا ڏانهن موڪليو تہ وڃي سندن بتخانن ۾ ۽ سڀني ماڻهن کي اها خوشخبري ٻڌائين. |
|
| 10 |
|
| هنن انهيءَ جا هٿيار پنهنجن ديوتائن جي هڪڙي مندر ۾ رکيا ۽ انهيءَ جي سسي دجون ديوتا جي مندر ۾ لٽڪائي ڇڏيائون. |
|
| 11 |
|
| جيڪي ڪجھہ فلستين سائول سان ڪيو هو، سو جڏهن جِلعاد علائقي جي يبيس شهر جي رهاڪن ٻڌو، |
|
| 12 |
|
| تڏهن اتي جا سڀ بهادر مرد اٿيا ۽ سائول ۽ سندس پٽن جا لاش چوريءَ کڻي يبيس شهر ۾ آيا. هنن کين اتي شاهہبلوط جي وڻ هيٺ دفن ڪيو ۽ ستن ڏينهن تائين روزو رکيائون. |
|
| 13 |
|
| سائول جو موت انهيءَ ڪري ٿيو جو هو خدا جو نافرمان هو. هو خداوند جي حڪمن تي پوريءَ طرح نہ هليو ۽ ڀوپن جي وسيلي مئلن جي روحن کان صلاح مشورو ورتائين، |
|
| 14 |
|
| خدا کان نہ. انهيءَ ڪري خداوند کيس ماري ڇڏيو ۽ بادشاهي ڦيرائي دائود ولد يسيءَ کي ڏيئي ڇڏي. |
|
|
|
|