1
اسرائيل جا پٽ هي آهن؛ روبن، شمعون، لاوي ۽ يهوداہ، اشڪار ۽ زبولون؛
2
دان، يوسف، ۽ بنيمين، نفتالي، جد ۽ آشر.
3
يهوداہ جا پٽ؛ عير ۽ اونان ۽ سيلہ؛ جي ٽيئي هن کي ڪنعانڻ بت سوع مان ڄاوا هئا. ۽ يهوداہ جو پهريون ڄاول پٽ، عير، خداوند جي نظر ۾ شرير هو؛ ۽ هن انهيءَ کي ماري وڌو.
4
۽ انهيءَ جي ننهن تمر مان هن کي فارص ۽ زارح ڄاوا. يهوداہ جا سڀ پٽ پنج هئا.
5
فارص جا پٽ؛ حصرون ۽ حمول.
6
۽ زارح جا پٽ؛ زمري، ۽ ايتان، ۽ هيمان، ۽ ڪلڪول، ۽ دارع: مڙئي پنج ڄڻا.
7
۽ ڪرميءَ جو پٽ؛ عڪر جنهن اسرائيل کي تڪليف ڏني، ۽ وقف واري مال ۾ خيانت ڪئي.
8
۽ ايتان جو پٽ؛ عزرياہ.
9
۽ حصرون جا پٽ، جي هن کي ڄاوا هئا، سي آهن يرحمئيل، ۽ رام، ۽ ڪلوبئي.
10
۽ رام کي عمينداب ڄائو؛ ۽ عمينداب کي نحسون ڄائو، جو بني يهوداہ جو سردار هو؛
11
۽ نحسون کي سلما ڄائو، ۽ سلما کي بوعز؛
12
۽ بوعز کي عوبيد ڄائو، ۽ عوبيد کي يسي؛
13
۽ يسيءَ جو پهريون ڄاول ٻار هو الياب، ۽ ٻيو ابينداب، ۽ ٽيون سمع؛
14
چوٿون نتني ايل، پنجون ردئي؛
15
ڇهون عوضم، ستون دائود:
16
۽ انهن جون ڀينرون هيون ضروياہ ۽ ابيجيل. ۽ ضروياہ جا پٽ؛ ابي شئي، ۽ يوآب، ۽ عساهيل، ٽي ڄڻا.
17
۽ ابيجيل کي عماسا ڄائو: ۽ عماسا جو پيءُ يتر اسماعيلي هو.
18
۽ ڪالب بن حصرون کي سندس زال عزوبہ مان، ۽ يريعوت مان، پٽ پيدا ٿيا: ۽ انهيءَ جا پٽ هي هئا؛ يشر ۽ سوباب، ۽ اردون.
19
۽ عزوبہ مئي، ۽ ڪالب افرات سان شادي ڪئي، ۽ انهيءَ مان حور ڄائس.
20
۽ حور کي اوري ڄائو، ۽ اوريءَ کي بضلئيل.
21
۽ انهيءَ کانپوءِ حصرون، جلعاد جو پيءُ، مڪير جي ڌيءَ وٽ ويو؛ جنهن سان سٺ ورهين جي عمر ۾ شادي ڪيائين؛ ۽ انهيءَ مان شجوب ڄائس.
22
۽ شجوب کي يائير ڄائو، جنهن کي جلعاد جي زمين ۾ ٽيويهہ شهر هئا.
23
۽ جسور ۽ ارام انهن کان يائير جا شهر، قنات ان جي ڳوٺن سميت، مڙئي سٺ شهر ورتا. اهي سڀ جلعاد جي پيءُ مڪير جا پٽ هئا.
24
۽ انهيءَ کانپوءِ حصرون ڪالب افراتہ ۾ مئو، پوءِ حصرون جي زال ابياہ کي اشور ڄائو، جو تقوع جو پيءُ هو.
25
۽ حصرون جي پهرين ڄاول ٻار يرحمئيل جا پٽ؛ رام پهريون ڄاول، ۽ بونہ، اورن، اوضم، ۽ اخياہ هئا.
26
۽ يرحمئيل کي ٻي بہ زال هئي، جنهن جو نالو عطارہ هو؛ اها اونام جي ماءُ هئي.
27
۽ يرحمئيل جو پهريون ڄاول ٻار رام جا پٽ؛ معض، ۽ يمين ۽ عيقر هئا.
28
۽ اونام جا پٽ؛ سمي ۽ يدع هئا: ۽ سميءَ جا پٽ؛ ندب ۽ ابيسور هئا.
29
۽ ابيسور جي زال جو نالو ابيخيل هو؛ ۽ انهيءَ مان هن کي اخبان ۽ مولد ڄاوا.
30
۽ ندب جا پٽ؛ سلد ۽ فائم: پر سلد بي اولاد مري ويو.
31
۽ فائم جو پٽ يسعي، ۽ يسعيءَ جو پٽ؛ سيسان. ۽ سيسان جو پٽ اخلئي.
32
۽ يدع، جو سمي جو ڀاءُ هو، تنهن جا پٽ؛ يتر، ۽ يونتن: ۽ يتر بي اولاد مري ويو.
33
۽ يونتن جا پٽ؛ فلت ۽ زازا. اهي هئا يرحمئيل جا پٽ.
34
هاڻي سيسان کي پٽ ڪين هئا پر ڌيئرون هيون. ۽ سيسان جو هڪڙو مصري نوڪر هو، جنهن جو نالو يرخع هو.
35
۽ سيسان پنهنجي ڌيءَ پنهنجي نوڪر يرخع کي پرڻائي ڏني؛ ۽ انهيءَ مان هن کي عتي ڄائو.
36
۽ عتيءَ کي ناتن ڄائو، ۽ ناتن کي زاباد؛
37
۽ زاباد کي افلال ڄائو، ۽ افلال کي عوبيد؛
38
۽ عوبيد کي ياهو ڄائو، ۽ ياهوءَ کي عزرياہ؛
39
۽ عزرياہ کي خلص ڄائو، ۽ خلص کي العاسہ؛
40
۽ العاسہ کي سسمي ڄائو، ۽ سسميءَ کي سلوم؛
41
۽ سلوم کي يقمياہ ڄائو، ۽ يقمياہ کي اليسمع.
42
۽ يرحمئيل جي ڀاءُ ڪالب جا پٽ هي هئا؛ سندس پهريون ڄاول ميسا، جو زيف جو پيءُ هو؛ ۽ حبرون جي پيءُ مريسہ جا پٽ.
43
۽ حبرون جا پٽ؛ قورح، تفوح، رقم، ۽ سمع.
44
۽ سمع کي رقم ڄائو، جو يرقعام جو پيءُ هو؛ ۽ رقم کي سمي ڄائو.
45
۽ سمي جو پٽ معون هو؛ ۽ معون بيت صور جو پيءُ هو.
46
۽ ڪالب جي سريت عيفہ، حاران، موضا، ۽ جازيز ڄڻيا؛ ۽ حاران کي جازيز ڄائو.
47
۽ يهديءَ جا پٽ؛ رجم، يوتام، جسام، فلط، عيفہ ۽ شعف.
48
۽ ڪالب جي سريت معڪہ، شبر ۽ ترحناہ ڄڻيا.
49
۽ انهيءَ مدمناہ جو پيءُ شعف، ۽ مڪبينا جو پيءُ سيوا ڄڻيا، اهو سيوا جبع جو پيءُ هو. ۽ ڪالب جي ڌيءَ عڪسہ هئي.
50
ڪالب جا پٽ هي هئا: افراتہ جي پهريتي حور جو پٽ قريت يعريم جو پيءُ سوبل.
51
۽ سلما، جو بيت الحم جو پيءُ هو، ۽ خارف، جو بيت جدر جو پيءُ هو.
52
۽ قريت يعريم جي پيءُ سوبل کي هي پٽ هئا؛ هرائي، ۽ منوخوت جا اڌ ماڻهو.
53
۽ قريت يعريم جا گهراڻا؛ اتري، فوتي، سماتي، ۽ مسراعي؛ انهن مان صرعتي ۽ استاولي آيا.
54
سلما جا پٽ؛ بيت الحم ۽ نطوفاتي، عطرات بيت يوآب ۽ منوختين جا اڌ ماڻهو، ۽ صرعي.
55
۽ ڪاتبن جا گهراڻا، جي يعبيض ۾ رهندا هئا؛ ترعاتي، سمعاتي ۽ سوڪاتي. اهي آهن اُهي قيني، جي حمات مان آيا، جو ريڪاب جي گهراڻي جو پيءُ هو.
Sindhi Bible 1962
Sindhi Bible Pakistan Bible Society, 1954,1962