Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| ۽ هيئن ٿيو تہ بهار جي موسم ۾، جنهن وقت بادشاهہ جنگ تي ويندا آهن، تڏهن يوآب چونڊيل لشڪر وٺي بني عمون جي ملڪ کي ناس ڪيو، ۽ ربہ کي گهيرو ڪيائين. پر دائود پاڻ يروشلم ۾ ترسي پيو. ۽ يوآب ربہ کي شڪست ڏني ۽ ماريو. |
| 2 |
| ۽ دائود انهن جي بادشاهہ جو ڇٽ لاهي ورتو جو وزن ۾ هڪ قنطار سون جو هو ۽ انهيءَ ۾ قيمتي جواهر لڳل هئا؛ ۽ اُهو دائود جي مٿي تي رکيو ويو: ۽ هن شهر جي لٽ مان تمام گهڻو مال آندو. |
| 3 |
| ۽ انهيءَ ۾ جيڪي ماڻهو هئا تن کي هن آڻي ڪرٽن، لوهہ جي ڏاندارين ۽ ڪهاڙين سان وڍي ڇڏيو. ۽ انهيءَ طرح دائود بني عمون جي سڀني شهرن سان ڪيو. ۽ دائود ۽ سڀيئي ماڻهو يروشلم ۾ موٽي آيا. |
| 4 |
| ۽ انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ جزر وٽ فلستين سان جنگ لڳي: تڏهن سبڪي حوساتيءَ سفيءَ کي قتل ڪيو جو راڪاس جي پٽن مان هو، ۽ انهن شڪست کاڌي. |
| 5 |
| ۽ وري بہ فلستين سان جنگ لڳي: ۽ الحنان بن يعور، لحميءَ کي قتل ڪيو جو جوليت جاتيءَ جو ڀاءُ هو، جنهن جي نيزي جو ٿر ڪوريءَ جي شهتير جهڙو هو. |
| 6 |
| ۽ وري جات ۾ جنگ لڳي، جتي هڪڙو وڏي قد وارو ماڻهو هو، جنهن کي چوويهہ آڱريون هيون، هرهڪ هٿ تي ڇهہ آڱريون ۽ هرهڪ پير تي ڇهہ آڱريون؛ ۽ اهو بہ راڪاسن جي اولاد مان هو. |
| 7 |
| ۽ جڏهن انهيءَ اسرائيل کي هاڪاريو، تڏهن دائود جي ڀاءُ سمعي جي پٽ يونتن انهيءَ کي ڪُٺو. |
| 8 |
| اهي سڀيئي انهيءَ راڪاس کي جات ۾ ڄاوا هئا؛ ۽ اُهي دائود جي هٿان ۽ سندس نوڪرن جي هٿان مارجي ويا. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/1chronicles/020.mp3
29
20