|
| 1 |
|
| انهيءَ کانسواءِ دائود ۽ لشڪرن جي سردارن آسف ۽ هيمان ۽ يدوتون جي پٽن مان ڪن کي خدمت لاءِ ڌار ڪيو، تہ هو بربطن ۽ تنبورن ۽ جهانجهن سان نبوت ڪن: ۽ انهن جو شمار جن انهيءَ ڪم ۾ خدمت ٿي ڪئي: |
|
| 2 |
|
| بني آسف مان، زڪور، ۽ يوسف، ۽ نتنياہ، ۽ اسري لاہ، آسف جا پٽ، آسف جي هٿ هيٺ هئا، جو بادشاهہ جي حڪم موجب نبوت ڪندو هو. |
|
| 3 |
|
| يدوتون مان: جدلياہ، ۽ ضري، ۽ يسعياہ، حسبياہ، ۽ متتياہ. اهي ڇهہ؛ يدوتون جا پٽ پنهنجي پيءُ يدوتون جي هٿ هيٺ بربط وڄائيندا هئا، جو خداوند جي شڪر ۽ تعريف سان نبوت ڪندو هو. |
|
| 4 |
|
| هيمان مان، بقياہ، متنياہ، عزي ايل، سبوايل، يريموت، حنانياہ، حناني، الياتہ، جدالتي، روممتي عزر، يسبقاشہ، ملوتي، هوتير ۽ محازيوت؛ جي هيمان جا پٽ هئا؛ |
|
| 5 |
|
| بادشاهہ جي غيب دان هيمان، جو خداوند جي ڪلام لاءِ هو، تنهن جا اهي سڀ پٽ هئا، جي ناد وڄائيندا هئا. ۽ خداوند هيمان کي چوڏهن پٽ ۽ ٽي ڌيئرون ڏنيون. |
|
| 6 |
|
| اهي سڀ پنهنجي پيءُ جي هٿ هيٺ خداوند جي گهر ۾ عبادت لاءِ جهانجهن ۽ تنبورن ۽ بربطن سان راڳ ڳائيندا هئا؛ يعني آسف، يدوتون ۽ هيمان بادشاهہ جي حڪم هيٺ هئا. |
|
| 7 |
|
| ۽ انهن جو شمار ٻہ سؤ اٺاويهہ هو، جي خداوند جي لاءِ ڳائڻ واسطي سيکاريل ۽ ماهر هئا. |
|
| 8 |
|
| ۽ انهن مان ننڍن توڙي وڏن، استاد توڙي شاگرد، سڀني پنهنجي پنهنجي خدمت لاءِ هڪڙي ئي نموني ڪڻا وڌا. |
|
| 9 |
|
| هاڻي پهريون ڪڻو آسف لاءِ يوسف جو آيو: ٻيو جدلياہ لاءِ هو، ۽ سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا: |
|
| 10 |
|
| ٽيون زڪور لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. |
|
| 11 |
|
| چوٿون يضريءَ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. |
|
| 12 |
|
| پنجون نتنياہ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. |
|
| 13 |
|
| ڇهون بقياہ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. |
|
| 14 |
|
| ستون يسري لاہ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. |
|
| 15 |
|
| اٺون يسعياہ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. |
|
| 16 |
|
| نائون متنياہ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. |
|
| 17 |
|
| ڏهون سمعيءَ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. |
|
| 18 |
|
| يارهون عزرايل لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. |
|
| 19 |
|
| ٻارهون حسبياہ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. |
|
| 20 |
|
| تيرهون سبوايل لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. |
|
| 21 |
|
| چوڏهون متتياہ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. |
|
| 22 |
|
| پندرهون يريموت لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. |
|
| 23 |
|
| سورهون حنانياہ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. |
|
| 24 |
|
| سترهون يسبقاشہ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. |
|
| 25 |
|
| ارڙهون حنانيءَ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. |
|
| 26 |
|
| اوڻيهون ملوتيءَ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. |
|
| 27 |
|
| ويهون الياتہ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. |
|
| 28 |
|
| ايڪيهون هوتير لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. |
|
| 29 |
|
| ٻاويهون جدالتيءَ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. |
|
| 30 |
|
| ٽيويهون محازيوت لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. |
|
| 31 |
|
| چوويهون روممتي عزر لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. |
|
|
|
|