۽ دائود اسرائيلين جي سڀني سردارن، يعني فرقن جي سردارن، ۽ ٽولين جي منهندارن کي، جي ترتيب وار بادشاهہ جي خدمت ڪندا هئا، ۽ هزارن جي سردارن ۽ سوَن جي سردارن، ۽ بادشاهہ جي ۽ سندس پٽن جي سڀ مال مويشيءَ جي سردارن، ۽ خواجہ سرائن، ۽ بهادر، بلڪ سڀني زبردست بهادر مردن کي يروشلم ۾ گڏ ڪيو.
۽ منهنجن سڀني پٽن مان، (ڇالاءِ جو مون کي خدا گهڻيئي پٽ ڏنا آهن،) هن منهنجي پٽ سليمان کي پسند ڪيو تہ هو، اسرائيل جي مٿان خداوند جي بادشاهت جي تخت تي ويهي.
تنهنڪري هاڻي ساري اسرائيل، يعني خداوند جي جماعت جي روبرو، ۽ اسان جي خدا جي حضور، اوهين خداوند پنهنجي خدا جي سڀني حڪمن کي مڃيو ۽ انهن جا طالب ٿيو: تہ اوهين هن سٺي ملڪ جا وارث ٿيو، ۽ انهيءَ کي پنهنجي اولاد جي لاءِ هميشہ واسطي ورثي ۾ ڇڏي وڃو.
۽ تون، اي منهنجا پٽ سليمان، پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ، ۽ پوريءَ دل ۽ روح جي خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر: ڇالاءِ جو خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو، ۽ هرڪو خيال جو اُٿي ٿو سو ڄاڻي ٿو: ۽ جي تون هن کي ڳوليندين تہ هو توکي ملندو: پر جي تون هن کي ڇڏي ڏيندين، تہ هو توکي هميشہ لاءِ رد ڪندو.
۽ انهن سڀني شين، يعني خداوند جي گهر جي ورانڊي، ۽ آس پاس جي ڪوٺين، ۽ خداوند جي گهر جي خزانن، ۽ مخصوص ڪيل شين جي خزانن جو نمونو بہ ڏنو، جو هن کي روح جي وسيلي مليو هو:
يعني سون جي باسڻن جي واسطي سون توري، هر طرح جي خدمت جي سڀني باسڻن لاءِ؛ ۽ چانديءَ جي سڀني باسڻن جي واسطي چاندي توري، هر طرح جي خدمت جي سڀني باسڻن لاءِ:
۽ لوبان جي قربانگاهہ لاءِ نج سون توري ڏنو: ۽ رٿ جي نموني، يعني انهن ڪروبين جي لاءِ، جي پر کوليو خداوند جي عهدنامي جي صندوق کي ڍڪيندا هئا، تن لاءِ سون ڏنو:
۽ دائود پنهنجي پٽ سليمان کي چيو، تہ همت جهل ۽ حوصلي سان اهو ڪم ڪر: ڊڄ نہ، نڪي بي دل ٿيءُ: ڇالاءِ تہ خداوند خدا، يعني منهنجو خدا، تو ساڻ آهي؛ ۽ هو توکي نہ وساري ڇڏيندو نڪي توکي ڇڏي ڏيندو، جيستائين ڪ خداوند جي گهر جي خدمت جو سڄو ڪم پورو ٿئي.
۽ ڏس، ڪاهنن ۽ لاوين جي ترتيب، خداوند جي گهر جي سڄي خدمت جي لاءِ اها آهي: ۽ هر ڪنهن قسم جي خدمت جي لاءِ. ۽ سڀ ڪنهن ڪم ۾ جيڪو رضامند شخص ماهر آهي، سو خوشيءَ سان تنهنجو ساٿ ڏيندو: ۽ لشڪر جا سردار ۽ سڄي قوم تنهنجي حڪم هيٺ ٿيندي.