|
| 1 |
|
| دائود کي جيڪي پٽ حبرون ۾ ڄاوا سي هي هئا. پهريون پٽ امنون جيڪو کيس اخينوعم يزرعيليءَ مان ڄائو. ٻيو دانيال جيڪو کيس ابيجيل ڪرمليءَ مان ڄائو. |
|
| 2 |
|
| ٽيون ابيسلوم جيڪو کيس جسُور جي بادشاهہ تلميءَ جي ڌيءَ معڪہ مان ڄائو. چوٿون، ادونياہ جيڪو کيس حجيت مان ڄائو. |
|
| 3 |
|
| پنجون، سفطياہ جيڪو کيس ابيطال مان ڄائو ۽ ڇهون، اترعام جيڪو کيس عجلاہ مان ڄائو. |
|
| 4 |
|
| اهي ڇهہ ئي پٽ دائود کي حبرون ۾ ڄاوا، جتي هن ساڍا ست سال حڪمراني ڪئي. دائود يروشلم ۾ ٽيٽيهہ سال بادشاهي ڪئي. |
|
| 5 |
|
| يروشلم ۾ کيس هي ٻار ڄاوا: سمعي، سوباب، ناتن ۽ سليمان. اهي چار ئي ڄڻا کيس عميايل جي ڌيءَ بتسبع مان ڄاوا. |
|
| 6 |
|
| دائود جا ٻيا جملي نَو پٽ هي هئا: ابحار، اليسمع، اليفالط، |
|
| 7 |
|
| نجہ، نفج، يفيع، |
|
| 8 |
|
| اليسمع، اليدع، اليفلط. |
|
| 9 |
|
| انهن کان علاوہ دائود کي سندس سريتن مان بہ پٽ ڄاوا. کيس تمر نالي هڪڙي ڌيءَ بہ هئي. |
|
| 10 |
|
| سليمان کان وٺي سلسلو هن ريت آهي: سليمان ، رحبعام، ابياہ، آسا، يهوسفط، |
|
| 11 |
|
| يهورام، اخزياہ، يوآس، |
|
| 12 |
|
| امصياہ، عزرياہ، يوتام، |
|
| 13 |
|
| آخز، حزقياہ، منسي، |
|
| 14 |
|
| امُون ۽ يوسياہ. |
|
| 15 |
|
| يوسياہ جا هي چار پٽ هئا: يوحنان، يهويقيم، صدقياہ ۽ يهوآخز. |
|
| 16 |
|
| يهويقيم جا پٽ يهوياڪين ۽ صدقياہ هئا. |
|
| 17 |
|
| يهوياڪين، جيڪو بابل ڏانهن قيد ٿي ويو هو تنهن جا پٽ هي هئا: سيالتيايل، |
|
| 18 |
|
| ملڪرام، فداياہ، شيناضر، يقمياہ، هوسمع ۽ ندبياہ. |
|
| 19 |
|
| فداياہ جا پٽ زربابل ۽ شمعي هئا. زربابل جا پٽ مسلام ۽ حنانياہ هئا ۽ سلوميت سندن ڀيڻ هئي. |
|
| 20 |
|
| زربابل جا ٻيا جملي پنج پٽ هي هئا: حسوبہ، اهل، برڪياہ، حسدياہ ۽ يوسبحسد. |
|
| 21 |
|
| حنانياہ جا پٽ هي هئا: فلطياہ، يسعياہ، رفاياہ، ارنان، عبدياہ ۽ سڪنياہ. |
|
| 22 |
|
| سڪنياہ کي سمعياہ نالي هڪڙو پٽ هو. سمعياہ جا هي پنج پٽ هئا: حطوش، اجال، بريح، نعرياہ ۽ سافطہ. |
|
| 23 |
|
| نعرياہ جا هي ٽي پٽ هئا: اليوعيني، حزيقياہ ۽ عزريقام. |
|
| 24 |
|
| اليوعيني جا هي ست پٽ هئا: هوديواهو، الياسب، فلاياہ، عقوب، يوحنان، دلاياہ ۽ عناني. |
|
|
|
|