ڪالب کي افراتہ نالي زال مان پهريون پٽ حور هو. حور جي اولاد بيتلحم شهر جو بنياد وڌو. حور جا پٽ هي هئا: عيطام، فنوايل ۽ عزر. عيطام جا پٽ هي هئا: يزرعيل، اسمع ۽ ادباس ۽ سندن ڀيڻ جو نالو هضلالفوني هو. فنوايل جدُور شهر جو بنياد وڌو ۽ عزر حوسہ شهر جو بنياد وڌو.
معوناتي کي عفرہ نالي هڪ پٽ هو. شراياہ کي يوآب نالي پٽ ڄائو، جيڪو خراسيم ماٿريءَ جو باني هو. ان کي خراسيم ماٿري انهيءَ ڪري سڏبو هو جو اتان جا ماڻهو هنرمند هئا.
شلاہ ولد يهوداہ جو اولاد هي هو: عير، لعدہ، يوقيم، يوآش، شراف ۽ ڪوزيبا ڳوٺ جا رهاڪو. عير لڪہ ڳوٺ جو باني هو. لعدہ مريسہ ڳوٺ جو باني ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جو ڪپڙو اڻندڙن جي گھراڻن جو وڏو هو، جيڪي بيتاشبيع جا رهاڪو هئا. يوآش ۽ شراف موآب جا حڪمران بڻيا ۽ پوءِ بيتلحم ۾ آباد ٿي ويا. هي لکتون پراڻي زماني جون آهن.
هي ماڻهو شمعون قبيلي جي گھراڻن جا وڏا هئا: مسوباب، يمليڪ، يوشہ ولد امضياہ، يوايل، ييهو ولد يوسيبياہ ولد شراياہ ولد عسيئيل، اليوعيني، بعقوبہ، يسوخايہ، عساياہ، عديئيل، يسيمئيل، بناياہ، زيزا ولد شفعي ولد الون ولد يداياہ ولد سمري ولد سمعياہ. هنن جا گھراڻا گھڻو وڌيا ويجھيا،
شمعون قبيلي جي انهن ماڻهن يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڏينهن ۾ اچي بني حام ۽ معونين تي حملو ڪيو ۽ کين رهائشگاهن سميت تباهہ ڪري ڇڏيو. پوءِ هو انهن جي جاءِ تي آباد ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ اتي سندن ڌڻن لاءِ چارو موجود هو. اڄوڪي ڏينهن تائين اتي بني حام ۽ معونين جو ڪو نالو نشان ڪونہ آهي.