|
| 1 |
|
| بنيمين کي بالع ڄائو، جو سندس پهريون ڄاول ٻار هو، اشبيل ٻيو هو، ۽ اخرخ ٽيون؛ |
|
| 2 |
|
| نوحہ چوٿون، ۽ رفا پنجون. |
|
| 3 |
|
| ۽ بالع جا پٽ هئا ادار، ۽ جيرا، ۽ ابيهود؛ |
|
| 4 |
|
| ۽ ابيسوع، ۽ نعمان، ۽ اخوح؛ |
|
| 5 |
|
| ۽ جيرا، ۽ سفوفان، ۽ حورام. |
|
| 6 |
|
| ۽ اهود جا پٽ هي آهن: اهي جبع جي رهاڪن جي ابن جي گهراڻن جا رئيس آهن، ۽ انهن کي قيد ڪري مناحت ڏي وٺي ويا؛ |
|
| 7 |
|
| ۽ نعمان، ۽ اخياہ، ۽ جيرا کي هو قيد ڪري وٺي ويو؛ ۽ انهيءَ کي عزا ۽ اخيحود ڄاوا. |
|
| 8 |
|
| ۽ سحريم کي انهن جي موڪلڻ کان پوءِ موآب جي ميدان ۾ ٻار ڄاوا؛ حوسيم ۽ بعراہ انهيءَ جون زالون هيون. |
|
| 9 |
|
| ۽ هن کي سندس زال حودس مان يوباب، ۽ ضبيہ، ۽ ميسا، ۽ ملڪام ڄاوا؛ |
|
| 10 |
|
| ۽ يعوض، ۽ سڪياہ، ۽ مرمہ. اهي هئا انهيءَ جا پٽ ۽ ابن جي گهراڻن جا رئيس. |
|
| 11 |
|
| ۽ حوسيم مان هن کي ابيطوب ۽ الفعل ڄاوا. |
|
| 12 |
|
| ۽ الفعل جا پٽ؛ عبر، ۽ مشعام، ۽ سامر، جنهن اونو ۽ لد ۽ انهن جا شهر اڏيا: |
|
| 13 |
|
| ۽ بريعہ ۽ سمعہ، جي اُنهيءَ ايلون جي رهاڪن جي ابن جي گهرن جا رئيس هئا، جنهن جات جي رهاڪن کي ڀڄائي ڪڍيو هو؛ |
|
| 14 |
|
| ۽ اخيو، شاشق، ۽ يريموت؛ |
|
| 15 |
|
| ۽ زبدياہ، ۽ عراد، ۽ عدر؛ |
|
| 16 |
|
| ۽ ميڪائيل، ۽ اسفاہ، ۽ يوخا، جي بريعہ جا پٽ هئا؛ |
|
| 17 |
|
| ۽ زبدياہ ۽ مسلام، ۽ حزقي، ۽ حبر؛ |
|
| 18 |
|
| ۽ يسمري، ۽ يزلياہ، ۽ يوباب، جي الفعل جا پٽ هئا؛ |
|
| 19 |
|
| ۽ يقيم، ۽ زڪري، ۽ زبدي؛ |
|
| 20 |
|
| ۽ العيني، ۽ ضلتي، ۽ اليئل: |
|
| 21 |
|
| ۽ عداياہ، ۽ براياہ، ۽ سمرات، جي سمعي جا پٽ هئا؛ |
|
| 22 |
|
| ۽ اسفان، ۽ عبر، ۽ اليئل: |
|
| 23 |
|
| ۽ عبدون، ۽ زڪري، ۽ حنان؛ |
|
| 24 |
|
| ۽ حنانياہ، ۽ عيلام، ۽ عنتوتياہ؛ |
|
| 25 |
|
| ۽ يفدياہ، ۽ فنوايل، جي شاشق جا پٽ هئا؛ |
|
| 26 |
|
| ۽ سمسري، ۽ شحارياہ، ۽ عتالياہ؛ |
|
| 27 |
|
| يعرسياہ، ۽ الياہ، ۽ زڪري، جي يروحام جا پٽ هئا. |
|
| 28 |
|
| اهي هئا سندن سڀني پيڙهين ۾ ابن جي گهراڻن جا رئيس ۽ مکيہ ماڻهو: اهي يروشلم ۾ رهندا هئا. |
|
| 29 |
|
| ۽ جبعون ۾ جبعون جو پيءُ رهندو هو، جنهن جي زال جو نالو معڪہ هو: |
|
| 30 |
|
| ۽ انهيءَ جو پهريون ڄاول ٻار عبدون، ۽ صور، ۽ قيس، ۽ بعل، ۽ ندب؛ |
|
| 31 |
|
| ۽ جدور، ۽ اخيو، ۽ زڪر. |
|
| 32 |
|
| ۽ مقلوت کي سماہ ڄائو. ۽ اهي بہ پنهنجن ڀائرن سان گڏ يروشلم ۾ پنهنجن ڀائرن جي آمهون سامهون رهندا هئا. |
|
| 33 |
|
| ۽ نير کي قيس ڄائو؛ ۽ قيس کي سائول ڄائو؛ ۽ سائول کي يونتن، ۽ ملڪيشوع، ۽ ابينداب، ۽ اشبعل. |
|
| 34 |
|
| ۽ يونتن جو پٽ مريبعل هو؛ ۽ مريبعل کي ميڪاہ ڄائو؛ |
|
| 35 |
|
| ۽ ميڪاہ جا پٽ فيتون: ۽ ملڪ، ۽ تاريح، ۽ آخز. |
|
| 36 |
|
| ۽ آخز جو پٽ يهوعدہ؛ ۽ يهوعدہ کي عليمت ۽ عزماوت، ۽ زمري ڄاوا؛ ۽ زمريءَ کي موضا ڄائو: |
|
| 37 |
|
| ۽ موضا کي بنعہ؛ انهيءَ جو پٽ هو رافعہ، انهيءَ جو پٽ اليعسہ، انهيءَ جو پٽ اصيل: |
|
| 38 |
|
| ۽ اصيل کي ڇهہ پٽ هئا، جن جا نالا هي آهن: عزريقام، بوڪرو، ۽ اسماعيل، ۽ سغرياہ، ۽ عبدياہ، ۽ حنان. اهي سڀ اصيل جا پٽ هئا. |
|
| 39 |
|
| ۽ سندس ڀاءُ عيشق جا پٽ؛ ان جو پهريون ڄاول ٻار اولام، ٻيو يعوس ۽ ٽيون اليفلط. |
|
| 40 |
|
| ۽ اولام جا پٽ همت وارا بهادر مرد ۽ ڪماندار هئا، ۽ انهن کي گهڻا پٽ ۽ پوٽا هئا، جي ڏيڍ سؤ هئا، اهي سڀ بنيمين جا پٽ هئا. |
|
|
|
|