×

مقدس ڪلام توريت، زبور

1 تواريخ ٨

1
بنيامين ولد يعقوب جا پٽ هي هئا: وڏو پٽ بلع، پوءِ اشبيل، اخرخ،
2
نوحہ ۽ رفا.
3
بلع جو اولاد هي هو: ادار، جيرا، ابيهود،
4
ابيسوع، نعمان، اخوح،
5
جيرا، شوفان ۽ حورام.
6
اهود جو اولاد هي هو: نعمان، اخياہ ۽ جيرا. اهي جِبع شهر ۾ رهندڙ ڪٽنبن جا وڏا هئا، جن کي مناحت ڏانهن نڪري وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو. عزا ۽ اخيهود جو پيءُ جيرا کين اوڏانهن وٺي هليو ويو.
7
8
سحريم کي پنهنجي ٻن زالن حوسيم ۽ بعرام کي طلاق ڏيڻ کان پوءِ
9
پنهنجي ٽين زال هودس مان موآب ۾ هي پٽ ڄاوا: يوباب، ضبيہ، ميسا، ملڪام،
10
يعوض، سڪياہ ۽ مرمہ. سندس اهي سمورا پٽ پنهنجن گھراڻن جا وڏا بڻيا.
11
انهن کان اڳ ۾ سحريم کي حوسيم مان ابيطوب ۽ الفعل پڻ ڄاوا هئا.
12
الفعل جا پٽ هي هئا: عبر، مشعام ۽ سامد. اونو ۽ لُد شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت سامد ٺهرايا.
13
بريعہ ۽ سمعہ ايالون شهر ۾ رهندڙ ڪٽنبن جا وڏا هئا. انهن ڪٽنبن جات جي رهاڪن کي ڀڄائي ڪڍيو هو.
14
بريعہ جو اولاد هي هو: اخيو، شاشق، يريموت،
15
زبدياہ، عراد، عدر،
16
مڪاايل، اسفاہ ۽ يوحا.
17
هي پڻ الفعل جو اولاد هو: زبدياہ، مسلام، حزقي، حبر،
18
يسمري، يزلياہ، يوباب.
19
شمعي جو اولاد هي هو: يقيم، زڪري، زبدي،
20
العيني، ضلتي، الئيل،
21
عداياہ، براياہ ۽ سمرات.
22
شاشق جو اولاد هي هو: اسفان، عبر، اليئل،
23
عبدون، زڪري، حنان،
24
حنانياہ، عيلام، عنتوتيجاہ،
25
يفدياہ ۽ فنوايل.
26
يروحام جو اولاد هي هو: سمسري، شحارياہ، عتالياہ،
27
يعرسياہ، الياہ ۽ زڪري.
28
پنهنجي ابن ڏاڏن جي ڪٽنبن مطابق اهي پنهنجي پنهنجي پيڙهين جا وڏا ۽ مکيہ ماڻهو هئا، جيڪي يروشلم ۾ رهندا هئا.
29
يعي‌ايل جِبعون شهر ٻَڌو ۽ اتي ئي رهائش اختيار ڪيائين. سندس زال جو نالو معڪہ هو.
30
يعي‌ايل جو پهريتو پٽ عبدون هو. سندس ٻيا پٽ هي هئا: صور، قيس، بعل، ندب،
31
جدُور، اخيو، زڪر،
32
۽ مقلوت جيڪو سماہ جو پيءُ هو. سندن اولاد پنهنجي خاندان جي ڪٽنبن سان گڏ يروشلم ۾ رهندو هو.
33
نير کي قيس نالي پٽ ڄائو ۽ قيس کي سائول ڄائو. سائول کي هي پٽ ڄاوا: يونتن، ملڪيشوع، ابينداب ۽ اشبعل.
34
يونتن کي مريبعل نالي پٽ ڄائو ۽ مريبعل کي ميڪاہ ڄائو.
35
ميڪاہ جا پٽ هي هئا: فيتون، ملڪ، تاريع ۽ اخز.
36
اخز کي يعرہ نالي پٽ ڄائو. يعرہ کي هي پٽ هئا: علمت، عزماوت ۽ زمري. زمريءَ کي موضا نالي پٽ ڄائو.
37
موضا کي بنعہ ڄائو، بنعہ کي رافعہ ڄائو، رافعہ کي اليعسہ ڄائو ۽ اليعسہ کي اصيل ڄائو.
38
اصيل کي ڇهہ پٽ هئا جن جا نالا هي آهن: عزريقام، بوڪرو، اسماعيل، سغرياہ، عبديہ ۽ حنان.
39
اصيل جي ڀاءُ عيشق جا پٽ هي هئا: وڏو پٽ اولام ۽ پوءِ يعوس ۽ اليفلط.
40
اولام جا پٽ بهادر ۽ دلير مرد ۽ تيرانداز هئا، جن کي جملي ڏيڍ سؤ پٽ ۽ پوٽا هئا. اهي سڀ بنيامين قبيلي جا ماڻهو هئا.
Sindhi Muslim Bible 2022
Muslim Sindhi Bible The Pakistan Bible Society, 2022 --- Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi, 2022 The Pakistan Bible Society.
:
نوٽس محفوظ ڪريو