۽ جڏهن خداوند ڏٺو تہ هنن پاڻ کي نماڻو ڪيو آهي، تڏهن خداوند جو ڪلام سمعياہ تي نازل ٿيو تہ ڇالاءِ جو هنن پاڻ کي نماڻو ڪيو آهي، تنهنڪري آءٌ هنن کي ناس نہ ڪندس پر آءٌ هنن کي ڪجهہ ڇوٽڪارو ڏيندس، ۽ منهنجي ڪاوڙ سيسق جي هٿان يروشلم تي نازل نہ ٿيندي.
پوءِ مصر جو بادشاهہ سيسق يروشلم تي چڙهي آيو، ۽ خداوند جي گهر جا خزانا، ۽ بادشاهہ جي گهر جا خزانا کڻي ويو؛ سڀ ڪجهہ هو کڻي ويو: جيڪي سون جون سپرون سليمان ٺهرايون هيون سي بہ هو کڻي ويو.
انهيءَ طرح بادشاهہ رحبعام يروشلم ۾ پاڻ کي مضبوط ڪيو ۽ راڄ ڪيائين: ڇالاءِ جو بادشاهہ ٿيڻ وقت رحبعام ايڪيتاليهن سالن جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ سترهن سال بادشاهي ڪئي، جنهن شهر کي خداوند اسرائيل جي سڀني فرقن مان پنهنجي نالي رکڻ لاءِ پسند ڪيو هو: ۽ هن جي ماءُ جو نالو نعمہ هو، جا عمونين مان هئي.