۽ انهن کي سندن پيءُ چاندي ۽ سون ۽ قيمتي شين جون گهڻيون سوغاتون ڏنيون، ۽ يهوداہ ۾ قلعن وارا شهر بہ ڏنا، پر بادشاهت هن يهورام کي ڏني، ڇالاءِ جو هو پهريتو هو.
هاڻي جڏهن يهورام پنهنجي پيءُ جي بادشاهت تي قائم ٿيو ۽ پاڻ کي مضبوط ڪيائين، تڏهن هن پنهنجن سڀني ڀائرن کي، ۽ اسرائيل جي ٻين ڪيترن سردارن کي بہ ترار سان قتل ڪيو.
۽ هو اسرائيل جي بادشاهہ جي رستي تي هليو، جيئن ڪ اخي اب جي گهراڻي ڪيو: ڇالاءِ جو اخي اب جي ڌيءَ سندس زال هئي: ۽ هن جيڪي ڪم ڪيا سي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.
انهيءَ هوندي بہ خداوند دائود جي گهراڻي کي ناس ڪرڻ نہ گهريو، ڇالاءِ جو دائود سان عهد اقرار ڪيو هئائين ۽ انجام ڪيو هئائين تہ هن کي ۽ سندس اولاد کي هميشہ هڪڙو ڏيئو ڏيندو رهندو.
تڏهن يهورام پنهنجن سردارن سان ۽ پنهنجون سڀ گاڏيون ساڻ ڪري، لنگهي انهيءَ پاسي ويو: ۽ رات جو اُٿي ادومين کي شڪست ڏنائين، ڇالاءِ جو هو هن کي ۽ گاڏين جي سردارن کي چوڌاري وڪوڙي ويا هئا.
۽ ايلياہ نبيءَ وٽان هن وٽ هڪڙو خط آيو، جنهن ۾ لکيل هو تہ خداوند، تنهنجي پيءُ دائود جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ تون پنهنجي پيءُ يهوسفط جي، يا يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي رستن تي نہ هليو آهين؛
پر اسرائيل جي بادشاهن جي رستي تي هليو آهين. ۽ يهوداہ کي ۽ يروشلم جي رهاڪن کي زناڪار ڪيو اٿيئي، جيئن ڪ اخي اب جي گهراڻي ڪيو آهي؛ ۽ تو پنهنجي پيءُ جي گهراڻي مان بہ پنهنجا ڀائر ڪُٺا آهن، جي توکان چڱا هئا:
جڏهن هو بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن ٻٽيهن ورهين جي عمر جو هو ۽ هن يروشلم ۾ اٺ سال بادشاهي ڪئي: ۽ هو بي سوءَ لڏي هليو ويو؛ ۽ هن کي دائود جي شهر ۾ دفن ڪيائون، پر بادشاهن جي قبرستان ۾ نہ.