پوءِ ستين سال ڪاهن يهويدع همت ڪندي ڪجھہ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن لاءِ هن لشڪر مان سؤ سؤ جي دستي وارن پنجن سالارن کي پاڻ سان ملايو جيڪي عزرياہ ولد يهورام، اسماعيل ولد يهوحنان، عزرياہ ولد عوبيد، معسياہ ولد عداياہ ۽ اليسافط ولد زڪري هئا. هن کانئن وفاداريءَ لاءِ عهد ورتو.
لاوي بادشاهہ جي چوگرد محافظ ٿي هلن ۽ سڀني کي پنهنجا هٿيار هٿن ۾ هجن. ائين اهي بادشاهہ سان هر وقت گڏ رهن. جيڪو بہ هيڪل ۾ اندر گھڙڻ جي ڪوشش ڪري تنهن کي قتل ڪيو وڃي.“
جيئن تہ يهويدع ڪاهن نہ ٿي چاهيو تہ عتلياہ کي هيڪل جي حد اندر قتل ڪيو وڃي، سو هن لشڪر جي سالارن کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”هن کي محافظن جي گھيري ۾ ٻاهر وٺي وڃو ۽ جيڪو بہ کيس ڇڏائڻ لاءِ اچي تنهن کي ماري ڇڏيو.“
پوءِ يهويدع هيڪل جي ڪم تي انهن ڪاهنن ۽ لاوين کي ئي مقرر ڪيو، جن جي ڪٽنبن کي دائود خداوند جي گھر ۾ ڪم ورهائي ڏنا هئا، تانتہ اهي موسيٰ جي شريعت مطابق خداوند لاءِ ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪن، ۽ دائود جي حڪم مطابق خوشيون ڪندي عبادت ۾ رهنمائي ڪن ۽ ڳائن وڄائن.
پوءِ يهويدع سالارن، اميرن، عملدارن ۽ ٻين سڀني ماڻهن کي ساڻ ڪري جلوس جي صورت ۾ بادشاهہ کي هيڪل کان سندس محل ڏانهن وٺي هليو. هو مکيہ دروازي کان بادشاهہ جي محل ۾ آيا ۽ اتي کيس سندس تخت تي ويهاريو ويو.