پر هن انهن قاتلن جي پٽن کي ڪين مارايو، بلڪ هن ائين ئي ڪيو جيئن موسيٰ جي شريعت جي ڪتاب ۾ خداوند حڪم فرمايو آهي تہ ”پٽ جي بدلي پيءُ کي موت جي سزا نہ ڏني وڃي، نڪي پيءُ جي بدلي پٽ کي. هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ئي گناهہ لاءِ موت جي سزا ڏني وڃي.“
انهيءَ کان پوءِ امصياہ يهوداہ وارن جي سڄي لشڪر کي گڏ ڪيو جنهن ۾ بني يهوداہ ۽ بني بنيامين جي قبيلن جا ماڻهو هئا. هن انهن ۾ سندن ابن ڏاڏن جي گھراڻن موجب، هزار هزار ۽ سؤ سؤ جا دستا بڻائي مٿن سالار مقرر ڪيا. پوءِ لشڪر ۾ ويهن سالن ۽ ان کان مٿي جي عمر وارن جو شمار ڪيو ويو تہ انهن ۾ ٽي لک چونڊيل جوان جنگ جي لائق ۽ نيزي ۽ ڍال کڻڻ جهڙا هئا.
پر جيڪڏهن تون انهن کي گڏ وٺي وڃڻ سان پاڻ کي لڙائيءَ لاءِ مضبوط ٿو سمجھين تہ ياد رک، خدا تو کي دشمن هٿان شڪست ڏياريندو، ڇاڪاڻ تہ فتح يا شڪست خدا جي ئي اختيار ۾ آهي.“
انهيءَ وچ ۾ اسرائيل جو اهو لشڪر جنهن کي امصياہ لڙائيءَ ۾ نہ وٺي ويو هو، سو پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽندي بيتحورون شهر کان وٺي سامريہ شهر تائين يهوداہ جي شهرن تي ڪاهي پيو ۽ اٽڪل ٽي هزار ماڻهو ماري ڇڏيائون. هو گھڻو ئي مال پڻ لٽي ڦري کڻي ويا.
انهيءَ ڪري خداوند امصياہ تي سخت ناراض ٿيو، ۽ وٽس هڪڙو نبي موڪليائين، جنهن اچي امصياہ کي چيو تہ ”تون غير قومن جي انهن معبودن جو طالب ڇو ٿيو آهين، جيڪي خود پنهنجيءَ قوم کي تنهنجي هٿن مان نہ ڇڏائي سگھيا؟“
جيئن تہ اڃا هو بادشاهہ سان ڳالهائي رهيو هو تہ بادشاهہ وچ ۾ چيس تہ ”ڇا مون تو کي پنهنجو صلاحڪار بڻايو آهي؟ هاڻي بس ڪر تہ مارائي نہ ڇڏيانءِ.“ تڏهن نبيءَ کڻي بس ڪئي، پر ويندي ويندي بادشاهہ کي ائين چيائين تہ ”هاڻي مون کي معلوم ٿي ويو تہ خدا تو کي ناس ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو اهڙو ڪم ڪيو آهي ۽ منهنجي صلاح بہ ٻڌڻ نہ ٿو چاهين.“
پر امصياہ سندس ڳالهہ تي ڌيان نہ ڏنو ۽ پنهنجي ارادي تي قائم رهيو. اهو ائين ئي ٿيو جيئن خدا چاهيو ٿي تہ انهن کي سندن دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هو ادومين جي معبودن جا طالبو ٿي ويا هئا.