مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| يوتام جڏهن بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر پنجويهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل سورهن سال بادشاهي ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو يروسا هو، جيڪا صدوق جي ڌيءَ هئي. |
| 2 |
| يوتام پنهنجي پيءُ وانگر اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، بلڪ جيئن هن جو پيءُ لوبان ساڙڻ لاءِ خداوند جي گھر ۾ داخل ٿيو هو تيئن هن نہ ڪيو. پر اڃا تائين ماڻهو پنهنجا بڇڙا ڪم ڪندا ٿي آيا. |
| 3 |
| هن خداوند جي گھر جو مٿيون دروازو لڳرايو ۽ عوفل نالي ٽڪريءَ وٽ يروشلم جي ڀت تي گھڻو ڪجھہ ڪم ڪرايائين. |
| 4 |
| هن يهوداہ جي جابلو علائقي ۾ ڪيترائي شهر ٻڌرايا ۽ ٻيلن ۾ قلعا ۽ ٺُلهَہ ٺهرايائين. |
| 5 |
| يوتام بني عمون جي بادشاهہ سان جنگ ڪئي ۽ فتح حاصل ڪيائين. انهي ئي سال بني عمون هن کي چانديءَ جا ساڍا ٽي هزار ڪلوگرام، ڪڻڪ جا ساڍا سترهن لک ڪلوگرام ۽ اوترا ئي جَوَن جا ڪلوگرام ڏنَ طور ڏياري موڪليا. ايترو ئي ڏنُ هنن ٻئي ۽ ٽئين سال پڻ وٽس موڪليو. |
| 6 |
| يوتام زورآور ٿيندو ويو، ڇاڪاڻ تہ هو ثابت قدميءَ سان خدا جي راهہ تي هلندو ٿي رهيو. |
| 7 |
| يوتام جي بادشاهيءَ جو باقي احوال، سندس جنگيون ۽ ٻيا ڪارناما جيڪي هن ڪيا سي سڀ ”يهوداہ ۽ اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن. |
| 8 |
| جڏهن هو بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر پنجويهہ سال هئي. يروشلم ۾ رهي هن اٽڪل سورهن سال بادشاهي ڪئي. |
| 9 |
| پوءِ يوتام وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو ۽ کيس دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو. هن جي جاءِ تي سندس پٽ آخز بادشاهہ ٿيو. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/2chronicles/027.mp3
36
27