جڏهن حزقياہ بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر پنجويهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل اوڻٽيهہ سال بادشاهي ڪئي. سندس ماءُ جو نالو ابياہ هو جيڪا زڪرياہ جي ڌيءَ هئي.
اسان جي ابن ڏاڏن نافرماني ڪئي. هنن خداوند اسان جي خدا کي ڇڏي اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خدا جي نظر ۾ برا آهن. هنن پنهنجا منهن خداوند جي گھر کان ڦيري ڇڏيا ۽ ان کي پٺي ڏنائون.
اهو ئي سبب آهي جو خداوند جو غضب يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ تي اچي ڪڙڪيو. هن انهن کي اهڙي مصيبت ۾ وڌو جو اهي ڏهڪاءَ ۽ حيرت جو سبب بڻيا، جيڪو اوهين اڄ بہ ڄاڻو ٿا.
تڏهن هي لاوي ڪم لاءِ اُٿي کڙا ٿيا: بني قهات مان، محت ولد عماسي ۽ يوايل ولد عزرياہ، بني مراريءَ مان، قيس ولد عبدي ۽ عزرياہ ولد يهللئيل، بني جيرشون مان، يوآخ ولد زمہ ۽ عدن ولد يوآخز،
هنن ماڻهن پنهنجي لاوي ڀائرن کي گڏ ڪيو ۽ انهن سڀني پاڻ کي پاڪ ڪيو. پوءِ هنن بادشاهہ جي حڪم مطابق خداوند جي شريعت موجب خداوند جي گھر اندر وڃي ان کي پاڪ ڪرڻ شروع ڪيو.
ڪاهن خداوند جي هيڪل کي پاڪ ڪرڻ لاءِ ان ۾ اندر ويا. هر گندي شيءِ جيڪا خداوند جي گھر ۾ لڌائون سا هنن ڪڍي آڻي اڱڻ ۾ رکي. لاوي ان گندگيءَ کي شهر کان ٻاهر قدرون جي برساتي نهر ڏانهن کڻي ويا.
هنن نئين سال جي پهرئين مهيني جي پهرين تاريخ تي هيڪل کي پاڪ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ۽ انهيءَ مهيني جي اٺين تاريخ تي هو هيڪل جي ورانڊي تائين پهتا. وڌيڪ اٺن ڏينهن تائين هو خداوند جي گھر کي پاڪ ڪندا رهيا ۽ سورهين تاريخ تي اهو ڪم پورو ڪيائون.
هنن ست ڍڳا، ست گھٽا، ست گھيٽا ۽ ست ٻڪر شاهي گھراڻي، هيڪل ۽ يهوداہ وارن لاءِ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور آندا. سڀيئي ڪاهنن جيڪي هارون جي اولاد مان هئا تن کي بادشاهہ حزقياہ چيو تہ هو اهي خداوند جي قربانگاهہ تي قربان ڪن.
جيڪو ڪم ڪاهنن کي ڪرڻو هو سو تمام گھڻو هو، ڇاڪاڻ تہ کين ساڙڻ واريون قربانيون ڪرڻيون هيون، سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي ساڙڻي هئي ۽ ساڙڻ وارين قربانين سان گڏوگڏ پيش ٿيل اوتڻ وارين قربانين کي بہ پئٽڻو هو. سو خداوند جي گھر جي خدمت نئين سر قائم ڪئي ويئي.