تڏهن هن پنهنجي عملدارن ۽ فوجي سالارن سان اها صلاح ڪئي تہ جيڪي چشما شهر کان ٻاهر آهن، تن جو پاڻي بند ڪري ڇڏجي تہ جيئن اشور وارن کي هتي پاڻي نہ ملي. سڀيئي سندس انهيءَ ڳالهہ تي متفق ٿيا. تڏهن وڏي تعداد ۾ ماڻهو اچي گڏ ٿيا، جن شهر جي پسگردائيءَ مان گذرندڙ نهر ۽ سڀني چشمن کي بند ڪري ڇڏيو.
پوءِ حزقياہ همت ڪري شهر جي چوڌاري واري ڀت جي انهن حصن جي مرمت ڪرائي جيڪي ڀڄي ڀري ويا هئا ۽ مٿس ٺُلهہ تعمير ڪرايائين. هن انهيءَ ڀت جي ٻاهران هڪ ٻي ڀت ٺهرائي ۽ دائود جي شهر واري هيٺاهين دڙي کي بہ مضبوط ڪرايائين. هن وڏي تعداد ۾ هر قسم جا هٿيار ۽ ڍالون بہ ٺهرايون.
حزقياہ اوهان کي چوي ٿو تہ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي مون اشور جي شهنشاهہ کان بچائيندو. پر هو ائين چئي اوهان سان ٺڳي ٿو ڪري ۽ اوهان کي بک ۽ اڃ ۾ مرڻ لاءِ ٿو ڇڏي.
اوهان کي خبر ناهي ڇا تہ مون ۽ منهنجي ابن ڏاڏن ٻين ملڪن جي ماڻهن سان ڇا ڇا ڪيو آهي؟ انهن ملڪن جي ماڻهن جا معبود ڪو انهن جي ملڪن کي اسان جي هٿن مان ڪنهن بہ طرح ڇڏائي سگھيا ڇا؟
جن قومن کي منهنجي ابن ڏاڏن بلڪل تباهہ ڪري ڇڏيو تن جي سڀني معبودن مان ڪير هو جيڪو پنهنجي قوم کي اسان جي هٿان ڇڏائي سگھيو، جو اوهان جو خدا اوهان کي منهنجي هٿان ڇڏائي سگھندو؟
تنهنڪري هاڻي ائين نہ ٿئي جو حزقياہ اوهان سان ٺڳي ڪري ۽ اوهان کي گمراهہ ڪري. هن جي ڳالهين تي اوهين اعتبار نہ ڪريو. ڪنهن بہ قوم يا بادشاهت جي ڪنهن بہ معبود کي منهنجي هٿان ۽ منهنجي ابن ڏاڏن جي هٿان پنهنجي قوم کي ڇڏائڻ جي طاقت ناهي. تہ پوءِ پڪ ڄاڻو تہ اوهان جو خدا بہ اوهان کي منهنجي هٿان ڇڏائي نہ سگھندو.“
سنحيرب شهنشاهہ خداوند ، بني اسرائيل جي خدا جي گستاخي ڪندي ۽ سندس بابت ڪفر بڪندي خط موڪليا جن ۾ لکيل هو تہ ”جهڙيءَ طرح ٻين ملڪن جي قومن جا معبود پنهنجي قوم کي منهنجي هٿن مان نہ ڇڏائي سگھيا، تهڙيءَ طرح حزقياہ جو خدا بہ پنهنجي قوم کي منهنجي هٿن مان ڇڏائي نہ سگھندو.“
اهو حزقياہ ئي هو جنهن جيحون جي وهندڙ چشمي جو پاڻي مٿان کان بند ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ وهڪري کي سڌو هيٺ لاهي دائود جي شهر جي اولهہ طرف آندائين. حزقياہ پنهنجي سڀني ڪمن ۾ ڪامياب رهيو.
حزقياہ جي بادشاهيءَ جو ٻيو احوال ۽ سندس چڱا ڪم ”يسعياہ ولد آموص نبيءَ جي ڏٺل رويائن جو ڪتاب“ ۽ ”يهوداہ ۽ اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.