انهن جي اولاد مان جيڪي انهن جي زمين ۾ رهجي ويا، ۽ جن کي بني اسرائيل ماري کپائي نہ ڇڏيو هو، تن مان سليمان غلامن جي ڀرتي ڪئي، جي اڄ ڏينهن تائين هلندا اچن.
۽ سليمان فرعون جي ڌيءَ کي، دائود جي شهر مان ڪڍي انهيءَ گهر ۾ آندو، جو هن سندس لاءِ جوڙايو هو. ڇالاءِ تہ هن چيو تہ منهنجي زال اسرائيل جي بادشاهہ دائود جي گهر ۾ نہ رهندي، ڇالاءِ جو جن جاين ۾ خداوند جي صندوق آئي آهي، سي پاڪ آهن.
يعني روزمرہ جي فرض موجب، موسيٰ جي حڪمن موافق، سبت جي ڏينهن تي، ۽ نئين چنڊ تي، ۽ ٺهرايل عيدن تي، سال ۾ ٽي ڀيرا، يعني اڻ خمير ٿيل مانيءَ جي عيد تي، ۽ هفتن جي عيد تي، ۽ تنبن جي عيد تي، قربانيون چاڙهيون.
۽ حورام پنهنجن نوڪرن جي هٿان جهاز ۽ اهي نوڪر موڪليا، جن کي سمنڊ جي خبر هئي: ۽ اهي سليمان جي نوڪرن سان گڏجي اوفير ۾ آيا، ۽ اتان ساڍا چار سؤ قنطار سون جا کڻي سليمان بادشاهہ وٽ آيا.