×

مقدس ڪلام توريت، زبور

عزرا ١

1
فارس جي بادشاهہ خورس جي شهنشاهيءَ جي پهرئين سال خداوند يرمياہ نبيءَ جي معرفت ڏنل پنهنجو فرمان پورو ڪرڻ خاطر خورس شهنشاهہ جي دل ۾ هي خيال وڌو تہ هو پنهنجي سڄيءَ شهنشاهت ۾ حڪم‌نامو جاري ڪري اهو اعلان ڪرائي تہ
2
”آءٌ شهنشاهہ خورس چوان ٿو تہ خداوند ، عرش عظيم جي خدا دنيا جون سڀ بادشاهتون منهنجي هٿ هيٺ ڪيون آهن. هن مون کي حڪم ڏنو آهي تہ يهوداہ ملڪ واري شهر يروشلم ۾ سندس لاءِ هڪڙو گھر تعمير ڪرايان.
3
خدا شال اوهان سڀني سان گڏ هجي جيڪي سندس قوم آهيو. اوهان سڀني کي يروشلم ڏانهن وڃڻ جي اجازت آهي ۽ خداوند ، بني اسرائيل جي خدا جي گھر جي نئين سِر تعمير ڪرڻي آهي. هائو، اُهو ئي خداوند آهي، جنهن جي يروشلم ۾ عبادت ڪئي ويندي آهي.
4
جيڪڏهن سندس قوم مان ڪوبہ جلاوطن ٿيل شخص وطن موٽي اچڻ لاءِ مدد جو گھرجائو هجي تہ سندس اتي جي پاڙيسرين کي گھرجي تہ چاندي، سون، سيڌي سامان ۽ جانورن سان سندس مدد ڪن. انهيءَ کان سواءِ يروشلم ۾ خداوند جي گھر لاءِ خوشيءَ سان نذرانا ڏين.“
5
تڏهن بني يهوداہ ۽ بني بنيامين جي گھراڻن جا وڏا، ڪاهن ، لاوي ۽ اهي شخص جن جي دل ۾ خدا اها ڳالهہ وڌي تہ وڃي يروشلم ۾ خداوند جي هيڪل تعمير ڪجي، سي سڀيئي تيار ٿيا.
6
انهن جي سڀني پاڙيسرين چاندي ۽ سون جي شين ۽ ٻين قيمتي شين، سيڌي سامان، ضروري استعمال جي شين ۽ جانورن سان سندن مدد ڪئي. انهن شين کان علاوہ کين خداوند جي گھر لاءِ نذرانا بہ ڏنائون.
7
انهيءَ کان سواءِ خورس شهنشاهہ بہ خداوند جي گھر جا اهي ٿانوَ جيڪي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر يروشلم مان کڻائي پنهنجي معبودن جي گھر ۾ آڻي رکيا هئا، سي هو اتان ڪڍي کڻائي آيو.
8
اهي سڀ خورس شهنشاهہ متردات نالي شاهي خزانچيءَ جي هٿان ڪڍائي آندا، جنهن اهي بني يهوداہ جي سردار شيس‌بضر کي ڳڻي ڏنا.
9
انهن جو تعداد هي هو: ٽيهہ سونا ٿالهَہ، هڪ هزار چانديءَ جا ٿالهہ، اوڻٽيهہ ٻيا ٿالهہ،
10
ٽيهہ سون جا پيالا، چار سؤ ڏهہ ننڍا چانديءَ جا پيالا ۽ هڪ هزار ٻيا ٿانوَ.
11
سون ۽ چانديءَ جا جملي ٿانوَ پنج هزار چار سؤ هئا. اهي سڀ شيس‌بضر انهن جلاوطن ٿيل ماڻهن سان گڏ يروشلم ۾ آندا، جيڪي بابل مان يروشلم ۾ موٽي آيا هئا.
Sindhi Muslim Bible 2022
Muslim Sindhi Bible The Pakistan Bible Society, 2022 --- Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi, 2022 The Pakistan Bible Society.
:
نوٽس محفوظ ڪريو