تڏهن هو زربابل ۽ گھراڻن جي وڏن وٽ آيا ۽ کين چيائون تہ ”اسان کي بہ پاڻ سان گڏ تعمير جي ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ اسين بہ ان ساڳئي خدا جي عبادت ڪندا آهيون جنهن جي اوهين ڪندا آهيو. اسين اشور جي شهنشاهہ اسرحدون، جنهن اسان کي هتي آباد ڪيو هو تنهن جي وقت کان وٺي ان خدا لاءِ قربانيون ڪندا رهيا آهيون.“
پر زربابل، يشوع ۽ بني اسرائيل جي گھراڻن جي وڏن کين وراڻيو تہ ”اسان جي خدا جي هيڪل تعمير ڪرڻ ۾ اوهان جو ڪوبہ واسطو ڪونهي. اسين پاڻ خداوند ، بني اسرائيل جي خدا لاءِ هيڪل تعمير ڪنداسين، جيئن فارس جي بادشاهہ خورس اسان کي حڪم ڏنو آهي.“
بلڪ اهو خط انهن سڀني ماڻهن جي صلاح سان آهي، جن کي سندن شهرن مان بزرگ ۽ عالي مرتبہ اسنفر لڏائي آڻي سامريہ شهر ۾ ۽ اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي ۾ ٻين هنڌن تي آباد ڪيو هو.“
شهنشاهہ سلامت کي نيڪ روشن هجي تہ جيڪي يهودي اوهان وٽان نڪري اسان وٽ آيا آهن سي يروشلم ۾ آباد ٿي ويا آهن ۽ ان باغي ۽ فسادي شهر کي وري تعمير ڪرڻ لڳا آهن. هنن شهر جي ڀتين جي مرمت شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ هو اُها پوري ڪرڻ تي آهن.
تہ جيئن اوهان پنهنجي ابن ڏاڏن جي تواريخي ڪاغذات ۾ جاچ ڪري سگھو. انهن تواريخي ڪاغذات ۾ اوهين ڏسندا تہ اهو شهر هڪ باغي شهر آهي. اهو صوبن جي گورنرن ۽ بادشاهن لاءِ تڪليفن جو باعث رهيو آهي ۽ پراڻي وقت کان وٺي فساد جو ڳڙهہ پڻ رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هي شهر برباد ڪيو ويو هو.
تنهنڪري اسين شهنشاهہ سلامت کي اطلاع ٿا ڏيون تہ جيڪڏهن هي شهر تعمير ٿي ويو ۽ ان جون ڀتيون وري جڙي راس ٿي ويون تہ پوءِ اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي ۾ اوهان جي حڪمراني نہ رهندي.“
سو جڏهن ارتخششتا جو خط رحوم گورنر، سندس محرر شمسيءَ ۽ انهن جي ساٿين اڳيان پڙهيو ويو، تڏهن هو هڪدم يروشلم ۾ يهودين وٽ ويا ۽ زور زبردستيءَ سان انهن کان يروشلم جي نئين سر تعمير جو ڪم بند ڪرايائون.