ڪي ڪاهن ، لاوي ، هيڪل جا خدمتگار ۽ سليمان جي نوڪرن جو اولاد ۽ ڪجھہ ٻيا بني اسرائيل پنهنجين پنهنجين ملڪيتن تي يهوداہ جي مختلف شهرن ۾ رهندا هئا. يهوداہ جا جيڪي اڳواڻ پنهنجي پنهنجي گھراڻي سميت يروشلم ۾ رهندا هئا سي هي آهن.
هن گھراڻي مان جيڪي هيڪل جو ڪم ڪار ڪندا هئا، سي اٺ سؤ ٻاويهہ ڄڻا هئا. انهن کان علاوہ عداياہ ولد يروحام ولد فللياہ ولد امضي ولد زڪرياہ ولد فشحور ولد ملڪياہ هو.
متنياہ ولد ميڪا ولد زبدي جيڪو آسف جي اولاد مان هو ۽ متنياہ جيڪو شڪرگذاريءَ جي عبادت ۾ ڳائڻن جي اڳواڻي ڪندو هو، بقبوقياہ جيڪو پنهنجي ساٿين مان متنياہ کان پوءِ ٻئي نمبر تي هو ۽ عبدا ولد سموع ولد جلال جيڪو يدوتون جي اولاد مان هو.
ڪيترائي ماڻهو پنهنجي ٻنين جي ويجھو شهرن ۾ رهندا هئا. يهوداہ قبيلي وارا هنن هنڌن تي رهندا هئا: قريت اربع شهر ۽ ان جي آسپاس وارا ڳوٺ، ديبون شهر ۽ ان جي آسپاس وارا ڳوٺ، يقبضيايل شهر ۽ ان جي آسپاس وارا ڳوٺ،
زانوح، عدلام شهرَ ۽ انهن جي آسپاس وارا ڳوٺ، لڪيس شهر ۽ ان جي آسپاس واريون ٻنيون، عزيقہ شهر ۽ ان جا ڳوٺ. اهڙيءَ طرح هو بيرسبع کان وٺي هنوم جي ماٿريءَ تائين آباد هئا.