انهيءَ ڏينهن عام ماڻهن جي روبرو وڏي آواز سان موسيٰ جو ڪتاب پڙهيو ويو، جنهن ۾ اهو بہ لکيل مليو تہ عموني ۽ موآبي خداوند جي قوم ۾ حق حقوق رکندڙ فرد ٿي نہ ٿا سگھن،
ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل جي مصر جي غلاميءَ مان نڪرڻ وقت اهي ماني ۽ پاڻي کڻي ساڻن ملڻ لاءِ نہ آيا هئا. اُٽلندو هنن بلعام کي ڀاڙي تي آندو، تہ جيئن هو انهن تي لعنت وجھي، جنهن لعنت کي بني اسرائيل جي خدا برڪت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
انهن گودامن تي مون سلميا ڪاهن ، صدوق شريعت جي عالم ۽ فداياہ نالي هڪ لاويءَ کي نگران مقرر ڪيو ۽ حنان ولد زڪور ولد متنياہ کي سندن نائب مقرر ڪيم، ڇاڪاڻ تہ اهي ماڻهو ڀروسي جهڙا سمجھيا ويندا هئا. انهن جي ذميواري هئي تہ هو پنهنجي همخدمت ڀائرن کي سندن حصا ورهائي ڏين.
انهن ڏينهن ۾ مون يهوداہ ۾ سبت جي ڏينهن ڪن ماڻهن کي انگورن جي چيچڙن کي هلائيندي ۽ اناج جي ول گڏهن تي آڻيندي ڏٺو ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ مئي، انگور، انجير ۽ ٻيو هر طرح جو سامان سبت جي ڏينهن يروشلم ۾ ٿي آندائون. تنهنڪري مون کين اُن ڏينهن تي وڪرو ڪرڻ کان تنبيهہ ڪئي.
اوهان جي ابن ڏاڏن بہ تہ ائين ئي ڪيو هو، جنهن ڪري اسان جي خدا اسان تي ۽ هن شهر تي بيحد مصيبت آندي. هاڻي اوهين سبت جي ڏينهن جي بيحرمتي ڪري بني اسرائيل تي خدا کي وڌيڪ ڪاوڙايو ٿا.“
پوءِ هيئن ڪيم جو سبت جي شروعات کان ئي يعني سج لهڻ وقت مون حڪم ڏنو تہ يروشلم شهر جا دروازا بند ڪيا وڃن ۽ سبت جي پوري ٿيڻ تائين نہ کوليا وڃن. مون پنهنجي ماڻهن مان ڪن کي دروازن تي بيهاري ڇڏيو تہ جيئن سبت جي ڏينهن ڪوبہ ماڻهو ڪو بار کڻي اندر نہ اچي.
تنهن تي مون کين تنبيهہ ڪندي چيو تہ ”ڇو اوهين شهر جي ڀتين جي ڀرپاسي رات ٿا گذاريو؟ جيڪڏهن اوهين وري ائين ڪندا تہ پوءِ آءٌ اوهان کي پڪڙيندس.“ تڏهن کان وٺي هو وري سبت جي ڏينهن نہ آيا.
پوءِ مون لاوين کي حڪم ڏنو تہ سبت جي ڏينهن کي پاڪ رکڻ لاءِ هو پاڻ کي پاڪ ڪري اچي دروازن جي نگهباني ڪن. اي منهنجا خدا! اهو بہ منهنجي حق ۾ ياد رکج ۽ پنهنجي وڏيءَ رحمت موجب مون تي رحم ڪج.
جيئن تہ بني اسرائيل جو بادشاهہ سليمان ، جنهن سان خدا جو تمام گھڻو پيار هو ۽ کيس سڄي اسرائيل ملڪ تي بادشاهہ مقرر ڪيو هئائين ۽ جنهن جهڙو بادشاهہ ڪنهن بہ قوم ۾ ڪونہ ٿيو هو، تنهن بہ اهڙو ئي گناهہ ڪري وڌو جو ڌارين عورتن سان شادي ڪيائين.
مون مقرر وقت تي ساڙيون ويندڙ قربانين لاءِ ڪاٺين ۽ پهريتن ڦرن جي نذراني مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ پڻ بندوبست ڪيو. سو اي منهنجا خدا! مون کي مهربانيءَ جي نظر سان ياد رکج.