Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| بادشاهہ اخسويرس انهيءَ زمين تي، ۽ سمنڊ جي ٻيٽن تي، ڍل مقرر ڪئي. |
| 2 |
| ۽ سندس طاقت ۽ زور جا ڪم، ۽ مردڪئي جي بزرگيءَ جو احوال، جنهن تائين بادشاهہ هن جو درجو وڌايو، تنهن جو پورو بيان مادي ۽ فارس جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟ |
| 3 |
| ڇالاءِ جو مردڪئي يهودي، بادشاهہ اخسويرس کانپوءِ، ٻئي درجي جو هو، ۽ يهودين ۾ وڏو هو، ۽ پنهنجن سڀني ڀائرن وٽ قبول پيو هو؛ ۽ پنهنجي قوم جو ڀلو گهرندڙ هو، ۽ پنهنجي سڄي نسل سان سلامتيءَ جون ڳالهيون ڪندو هو. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/esther/010.mp3
10
10