مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| شهنشاهہ اخسويرس پنهنجي سڄي شهنشاهت ۾ ويندي سمنڊ جي ڏورانهن ٻيٽن تائين رعيت مٿان ڍل مقرر ڪئي. |
| 2 |
| شهنشاهہ جي طاقت ۽ زور جا سمورا ڪم، مردڪئيءَ جي عظمت جو احوال، جنهن تان شهنشاهہ سندس درجو وڌايو، تن جو بيان مادئي ۽ فارس جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي. |
| 3 |
| مردڪئي جو درجو شهنشاهہ اخسويرس کان پوءِ ٻئي نمبر تي هو. هو سڀني يهودين جو وڏو هو ۽ سڀيئي يهودي سندس عزت ڪندا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي يهودي قوم جو خيرخواهہ هو ۽ پنهنجي سڄي يهودي نسل جي فلاح وَ بهبود لاءِ آواز اٿاريندڙ هو. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/esther/010.mp3
10
10