|
| 1 |
|
| تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ |
|
| 2 |
|
| ”واہ! قوم جو آواز رڳو اوهين ئي آهيو، ۽ اوهان جي مرڻ سان گڏوگڏ ڏاهپ بہ مري کپي ويندي. |
|
| 3 |
|
| پر مون کي بہ اهڙي سمجھہ آهي، جهڙي اوهان کي آهي. آءٌ اوهان کان ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گھٽ ڪين آهيان. ڀلا اوهان جون چيل ڳالهيون ڪير نہ ٿو ڄاڻي؟ |
|
| 4 |
|
| آءٌ اهو ماڻهو آهيان، جيڪو دوستن جي کل ٺٺولين جو نشانو بڻيو آهيان. جيتوڻيڪ آءٌ سچار ۽ ڪامل انسان آهيان، ۽ ڪڏهن تہ آءٌ خدا کان دعا گھرندو هئس تہ اهو منهنجي ٻڌندو هو، تنهن جي باوجود اڄ آءٌ کل ٺٺولين جو نشانو بڻجي ويو آهيان. |
|
| 5 |
|
| اوهين جيڪي آرام ۽ سک ۾ آهيو، تن جو خيال آهي تہ مصيبت وارا نفرت جي لائق آهن. هائو، جيڪي ڪِرڻ تي آهن، تن کي ئي اوهين ڌڪو ڏيئي ٿا ڪيرايو. |
|
| 6 |
|
| جڏهن تہ جيڪي ڦورو آهن، سي پنهنجي گھرن ۾ آرام سان ٿا رهن، ۽ جيڪي خدا کي ڪاوڙائين ٿا سي صحيح سلامت آهن، خدا وري تن کي ئي پنهنجي هٿن جي ڇانوَ ۾ ٿو رکي. |
|
| 7 |
|
| تہ بہ مون کي چئو ٿا تہ ’جيڪڏهن تون سکڻ چاهين ٿو تہ جانورن کان سک، هائو، پکين کان پڇندين تہ اهي تو کي ٻڌائيندا. |
|
| 8 |
|
| تون زمين جي مخلوق کان، توڙي سمنڊ جي مڇين کان پڇندين تہ اهي تو کي ڏاهپ سيکارينديون. |
|
| 9 |
|
| انهن سڀني مان هر ڪو تو کي ٻڌائي سگھي ٿو، تہ خداوند جي هٿن ئي هي سڀ ڪجھہ بڻايو آهي. |
|
| 10 |
|
| هر ساهواري جو روح ۽ هر بني آدم جو ساهہ سندس ئي هٿ ۾ آهي. |
|
| 11 |
|
| اهو سڀ سمجھڻ ايترو تہ آسان آهي جيئن ڪَنُ ڳالهين کي ٻڌي ٿو، ۽ جيئن زبان کاڌي کي چکي ٿي.‘ |
|
| 12 |
|
| واہ! اوهين چئو ٿا تہ ڏاهپ پوڙهن ماڻهن ۾ ئي هوندي آهي، ۽ سمجھہ وڏي عمر وارن جي ئي ميراث آهي. |
|
| 13 |
|
| پر سمجھي ڇڏيو تہ حقيقي ڏاهپ ۽ قدرت خدا وٽ ئي آهي، هائو، هدايت ۽ سمجھہ وٽس ئي آهي. |
|
| 14 |
|
| ياد رکو، جنهن کي هو ڊاهي ٿو، سو وري اڏجي نہ ٿو سگھي، جنهن ماڻهوءَ کي هو قيد ٿو ڪري، سو وري ڇٽي نہ ٿو سگھي. |
|
| 15 |
|
| ڏسو، هو برسات کي روڪي ٿو تہ سڀ ڪجھہ سڪي وڃي ٿو، وري جڏهن هو انهيءَ کي موڪلي ٿو تہ اها زمين کي ٻوڙي ٿي ڇڏي. |
|
| 16 |
|
| هن وٽ طاقت ۽ ڪم ڪرڻ جي پوري قوت آهي، ٺڳجي ويل توڙي ٺڳيندڙ ٻيئي هن جي هٿ وس آهن. |
|
| 17 |
|
| هو صلاحڪارن کي اگھاڙي پيرين قيد ڪرائي ٿو ڪڍي، ۽ ججن کي بيعقل ٿو بڻائي ڇڏي. |
|
| 18 |
|
| هو بادشاهن کي تخت تان لاهي ٿو ڇڏي، ۽ انهن کي قيدي بڻائي ٿو ڇڏي. |
|
| 19 |
|
| هو مذهبي اڳواڻن کي لٽائي ڦرائي قيد ٿو ڪرائي، ۽ حڪمرانن کي اونڌو ڪري ٿو ڪيرائي. |
|
| 20 |
|
| هو معتبر ماڻهن جون زبانون بند ٿو ڪري ڇڏي، هو بزرگن جي سمجھہ کسي ٿو وٺي. |
|
| 21 |
|
| هو چڱن مڙسن جا پٽڪا لاهيو ٿو وٺي، ۽ سورهيہ سردارن جي طاقت جو خاتمو ٿو آڻي ڇڏي. |
|
| 22 |
|
| هو اونداهيءَ جي تري ۾ پيل ڳُجھن کي ظاهر ڪري ٿو، ۽ موت جي پاڇي کي روشنيءَ ۾ آڻي ٿو. |
|
| 23 |
|
| هو قومن کي وڌائي مضبوط ٿو ڪري، ۽ پوءِ ساڳين ئي قومن کي پڻ ناس ڪري ٿو ڇڏي. هو قومن کي پري پري تائين ڇڙوڇڙ ڪري ٿو ڇڏي، ۽ پوءِ هو انهن کي وري موٽائي آڻي گڏ ٿو ڪري. |
|
| 24 |
|
| هو ڌرتيءَ جي قومن جي سردارن جو عقل کسي ٿو وٺي، ۽ کين اهڙي بيابان ۾ ٿو رلائي، جتي ڪو چارو ئي ڪونهي. |
|
| 25 |
|
| اهي روشنيءَ کان سواءِ اونداهيءَ ۾ هٿوراڙيون هڻندا ٿا وتن، هو انهن کي اهڙو ٿو بڻائي ڇڏي، جو اهي شرابي ماڻهوءَ وانگر ٿيڙ کائيندا ٿا وتن.“ |
|
|
|
|