|
| 1 |
|
| ڏسو، منهنجي اک هي سڀ ڏٺو آهي، منهنجي ڪن اُهو ٻڌو ۽ سمجهيو آهي. |
|
| 2 |
|
| جيڪي اوهين ڄاڻو ٿا، سو آءٌ بہ ڄاڻان ٿو: آءٌ اوهان کان گهٽ نہ آهيان. |
|
| 3 |
|
| يقيناً آءٌ قادر مطلق سان ڳالهائڻ ٿو چاهيان، ۽ خدا سان بحث ڪرڻ جي خواهش ٿو رکان. |
|
| 4 |
|
| پر اوهين ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهيندڙ آهيون، اوهين سڀيئي نڪما طبيب آهيو. |
|
| 5 |
|
| اڙي جي، اوهين اصل ماٺ ڪري ويهو تہ چڱو! جيڪر اها اوهان جي ڏاهپ هجي. |
|
| 6 |
|
| هي منهنجو دليل ٻڌو، ۽ منهنجن چپن جي حجتن ڏي ڌيان ڏيو. |
|
| 7 |
|
| اوهين خدا سان ڪي بڇڙيون ڳالهيون ڪندا ڇا؟ ۽ انهيءَ جي لاءِ ٺڳيءَ جي گفتگو ڪندا ڇا؟ |
|
| 8 |
|
| هن جي طرفداري ڪندا ڇا؟ خدا لاءِ اوهين جهيڙو ڪندا ڇا؟ |
|
| 9 |
|
| اهو ڪو چڱو آهي ڇا تہ هو اوهان جي حقيقت جاچي معلوم ڪري؟ يا جيئن هڪڙو ماڻهو ٻئي کي ٺڳي پيو ائين هن کي ٺڳيندا ڇا؟ |
|
| 10 |
|
| هو ضرور اوهان کي ڇينڀيندو، جيڪڏهن اوهين ڳجهيءَ طرح ماڻهن جي طرفداري ڪندا. |
|
| 11 |
|
| هن جي وڏائي اوهان کي نہ ڊيڄاريندي ڇا؟ ۽ هن جو خوف اوهان تي نہ پوندو ڇا؟ |
|
| 12 |
|
| اوهان جا ياد رکڻ جهڙا قول خاڪ جا پهاڪا آهن، ۽ اوهان جا مورچا مٽيءَ جا مورچا آهن. |
|
| 13 |
|
| ماٺ ڪري ويهو، مون کي ڇڏي ڏيو تہ آءٌ ڳالهايان، پوءِ جيڪي مون تي اچي سو ڀلي اچي. |
|
| 14 |
|
| ڇالاءِ آءٌ پنهنجو ماس پنهنجي ڏندن ۾ جهليان، ۽ پنهنجي حياتي پنهنجي هٿ ۾ وجهان؟ |
|
| 15 |
|
| جيتوڻيڪ هو مون کي کڻي ڪهندو تہ بہ آءٌ هن جي لاءِ منتظر رهندس: انهيءَ هوندي بہ آءٌ هن جي اڳيان پنهنجن رستن جي تائيد ڪندس. |
|
| 16 |
|
| هو منهنجو ڇوٽڪارو ٿيندو؛ ڇالاءِ جو بيدين ماڻهو هن جي اڳيان نہ ايندو. |
|
| 17 |
|
| ڪوشش ڪري منهنجي ڳالهہ ٻڌو، ۽ منهنجو بيان پنهنجي ڪنن تائين پهچڻ ڏيو. |
|
| 18 |
|
| هاڻي ڏسو مون پنهنجي حقيقت جو احوال ڏنو آهي؛ مون کي خبر آهي تہ آءٌ سچو آهيان. |
|
| 19 |
|
| ڪير آهي جو مون سان جهيڙو ڪندو؟ ڇالاءِ جو آءٌ ماٺ ڪري ويهندس ۽ ساهہ ڏيندس. |
|
| 20 |
|
| رڳو ٻہ ڳالهيون مون سان نہ ڪر، پوءِ آءٌ پنهنجو منهن تو کان نہ لڪائيندس: |
|
| 21 |
|
| پنهنجو هٿ مون کان پري ڪر؛ پنهنجي خوف سان مون کي نہ ڊيڄار. |
|
| 22 |
|
| پوءِ تون سڏ ڪر ۽ آءٌ جواب ڏيندس؛ يا ڇڏ تہ آءٌ ڳالهايان ۽ تون مون کي ورندي ڏي. |
|
| 23 |
|
| منهنجا قصور ۽ گناهہ ڪيترا آهن؟ مون کي پنهنجي خطا ۽ پنهنجو گناهہ ڄاڻاءِ. |
|
| 24 |
|
| تون ڇو ٿو منهن لڪائين، ۽ مون کي پنهنجو دشمن سمجهين؟ |
|
| 25 |
|
| تون اُڏايل پن کي ستائيندين ڇا؟ ۽ تون سڪل ٻٿ جي پٺيان پوندين ڇا؟ |
|
| 26 |
|
| ڇالاءِ جو تون منهنجي برخلاف ڪَڙيون ڳالهيون ٿو لکين، ۽ مون کي پنهنجي جوانيءَ جي قصورن جو وارث ٿو ڪرين: |
|
| 27 |
|
| تون منهنجون ٽنگون ڪاٺ ۾ ٿو وجهين، ۽ منهنجا سڀ رستا جاچي ڇڏين ٿو؛ تون منهنجن پيرن جي ترين جي چوڌاري ليڪو ڪڍين ٿو؛ |
|
| 28 |
|
| جيتوڻيڪ آءٌ ڪنهن سڙيل ڳريل شيءِ جهڙو آهيان، ۽ جيت کاڌل ڪپڙي جهڙو آهيان. |
|
|
|
|